PrintClose
20-10-2017

اسلام آباد (آن لائن) سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت ۽ عائشا باواني ٽرسٽ جو تڪرار حل ڪندي مئي 2019ع تائين عائشا باواني ڪاليج ٽرسٽ جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس عظمت سعيد شيخ جي سربراهي ۾2 رڪني بينچ ڪئي، عدالت سنڌ حڪومت کي عائشا باواني ڪاليج ۾ وڌيڪ داخلا ڪرائڻ کان روڪيندي قرار ڏنو ويو آهي ته عائشا باواني ٽرسٽ نئين نالي سان رجسٽريشن ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته ٻڌڻي دوران جسٽس شيخ عظمت سعيد ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي مخاطب ڪندي رمارڪس ڏنا ته عدالتي حڪم تي عملدرآمد نه ڪرڻ جي صورت ۾سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا، فيصلي جي خلاف ورزي تي عدالت توهين عدالت جي ڪارروائي ڪري سگهي ٿي، اسان جي ڪورٽ ۾توهين عدالت ۾ ماڻهو جيل ۾ پهريان ويندو آهي، ٻڌڻي پوءِ ٿيندي آهي. عدالت چيو ته عائشا باواني ڪاليج جو نالو به 2 سالن کانپوءِ مٽايو وڃي ۽ نيون داخلائون بند ڪيون وڃن.