PrintClose
19-01-2018

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد چانڊڪا ڪالوني جو مبينا اغوا ٿي ويل نوجوان سجاد مشوري ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باجود بازياب نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب سندس جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي، ان سلسلي ۾ نوجوان جي بازيابي لاءِ گهر ۾ قرآن خواني ڪئي وئي، ان موقعي تي گم ٿيل نوجوان جي وارثن منظور احمد مشوري، سهيل مشوري، فياض مشوري ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته مهينو اڳ نوجوان سجاد مشوري شھر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ اسڪول مان پنھنجي ٻارڙن کي وٺڻ لاءِ آيو ھو، جتان ھو اغوا ٿي ويو آھي، جڏهن ته نوجوان جي اغوا ٿيڻ کانپوءِ اسان جي گهر ۾ مايوسي وارو ماحول ڇانيل آهي، سندس جي ماءُ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن، اسان سنڌ جي وڏي وزير، گهرو وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن کي اپيل ٿا ڪريون ته خدارا اسان جي اغوا ٿيل نوجوان سجاد مشوري کي بازياب ڪرائي، اسان جي گهر ۾ پيل روڄ راڙو ۽ مايوسي ختم ڪرائي وڃي.