PrintClose

ٺٽو (ڊ ر) سول اسپتال مڪلي جي مرف انتظاميا سائي جي مرض ۾ مبتلا نوجوان کي وقت سر رت نه لڳائڻ جي ڪري نوجوان تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، جاتي تعلقي جي بيگناھ موري واري علائقي جي رهائشي 23 سالن جي نوجوان عبدالستار ملاح کي سندس وارث سائي واري بيماري هجڻ ڪري سول اسپتال مڪلي کڻائي آيا پر اسپتال جي عملي 24 ڪلاڪ گذرڻ جي باوجود داخل مريض کي رت نه چاڙهي سگهيا وارثن رت خريد ڪري ڊاڪٽرن حوالي ڪيو پر ڊاڪٽرن غفلت جو مظاهرو ڪري رت چاڙهڻ ۾ دير ڪري ڇڏي، جنهن ڪري رت خراب ٿي ويو ۽ داخل مريض اسپتال جي بيڊ تي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو. ان ڏس ۾ فوتي جي سئوٽ حاجي ملاح ٻڌايو ته 24 ڪلاڪن کانپوءِ چيو ويو ته رت جو بندوبست ڪريو، جڏهن گهڻي ڪوششن کانپوءِ ليبارٽري مان رت خريد ڪري ڊاڪٽرن جي حوالي ڪيو ته هنن رت کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ چيو ۽ جڏهن ڪجهھ ڪلاڪن کانپوءِ رت جي ٿيلهي ڊاڪٽرن کي ڏني وئي ته عملي مريض ڏانهن ڌيان ڏيڻ بدران روايتي غلفت جو مظاهرو ڪري ٻين ڪم لڳايو ڪارن ۾ لڳي ويا، جنهن ڪري اسان جو نواجون تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو.