PrintClose

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ثقافت کاتي جي ڪامورن جي لاپرواهي سبب فنڪارن، شاعرن ۽ سُگھڙن سميت ساڍا 8 سئو ڏات ڌڻين کي وظيفو نه ملي سگهيو آهي، سنڌ جو ثقافت کاتو هر سال عيد کان اڳ سنڌ جي بيمار ۽ ضرورتمند اديبن، شاعرن، موسيقارن، هنرمندن ۽ فنڪارن کي ساليانو وظيفو ڏيندو آهي. هلندڙ سال به سنڌ جي 846 اديبن، شاعرن، موسيقارن، هنرمندن ۽ فنڪارن کي وظيفو ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ ان کان سواءِ 29 بيمار ڏات ڌڻين کي علاج لاءِ پيسا ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي پر عيد جي موقعي تي ڏات ڌڻين تائين وظيفي جي رقم نه پهچائي وئي. جنهن ڪري سنڌ جا اديب، شاعر، موسيقار، هنرمند ۽ فنڪار عيد جي خوشين کان محروم بڻجي ويا آهن، سنڌ جي اديبن، شاعرن، موسيقارن، هنرمندن ۽ فنڪارن ثقافت کاتي جي اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ جي ڏات ڌڻين کي عيد جو خوشيون فراهم ڪري ڏين لاءِ فوري طور قدم کنيا وڃن. نالو نه ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي وظيفي واري لسٽ ۾ شامل ڪجهه ڏات ڌڻين سوڀ سان ڳالهائيندي چيو ته ثقافت کاتي جي اختيارين اسان سان دوکو ڪيو آهي. ثقافت کاتي وارن جي آسري عيد جا ڪپڙا ۽ ٻارن جي معمولي خريداري به نه ڪري سگھيا آهيون. هنن ثقافت کاتي جي وزير سيد سردار شاھ کان گھُر ڪئي ته اڄ اسان کي وظيفو ڏياريو.