PrintClose

گلشن اقبال (ن سوڀ) گهوٽڪي جي رهواسي عورتن رحمت بيبي سيال، ستارا، شبانا ۽ گلبهار سيال ڀٽائي آباد ۾ ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته اسان کي ڪنهن به اغوا يا بليڪ ميل نه ڪيو آهي، اسان ڳوٺ جي بااثر مائٽن جي ظلم کان ڪراچي ۾ اچي پناهه ورتي آهي پر مائٽن سڄڻ سيال ۽ شعبان سيال ٿاڻي تي رشوت عيوض ڪوڙي اغوا جي ايف آءِ آر ڪٽرائي آهي، رحمت بيبي چيو ته ايس ايڇ او فتح محمد اعواڻ ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ رشوت نه ڏيڻ جي صورت ۾ گرفتار ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ چوي پيو ته منهنجي ننهن ڪوثر گم آهي، اسان کيس ٻڌايو آهي ته اها اسان سان گڏ نه پر پنهنجي مڙس شوڪت سان حيدرآباد ۾ رهندي آهي، هنن وڌيڪ چيو ته اسان هاءِ ڪورٽ ۾ سي پي داخل ڪئي آهي، جنهن جي ڪاپي ايس ايس پي گهوٽڪي، خيرپور ميرس، آءِ جي سنڌ، گهرو وزير ۽ ٻين کي موڪلي ڇڏي آهي پر اسين تنهن هوندي به عدم تحفظ جو شڪار آهيون، اسان کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن، جيڪڏهن ڪجهه به ٿيو ته ان جو ذميوار محبوب ڪلهوڙي ٿاڻي جو ايس ايڇ او ۽ ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدار هوندا چيف جسٽس، هوم منسٽر، آءِ جي سنڌ کي اپيل آهي ته اسان سان ناحق جو نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪري.