PrintClose

ٺٽو (ڊ ر) ٺٽي ويجهو دولهھ دريا خان پل تي مقرر ڪوسٽ گارڊ ز اهلڪارن گاڏي تي فروٽ وڪرو ڪندڙ گلشير ولد جمن منچري ملاح کي سخت تشدد مارڪٽ ڪري زخمي ڪري وڌو، جنهن کانپوءِ تشدد جو نشانو بڻيل گلشير منچري ملاح جي وارث عورتن مردن معصوم ٻارڙن جي وڏي انگ ڪوسٽ گارڊ اهلڪارن جي خلاف ٺٽو سجاول قومي شاهراهه دولهھ دريا خان پل تي احتجاجي ڌرڻو هڻي ٻنهي طرفن کان روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري ٺٽو سجاول طرفن کان ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي رهيون. ان موقعي تي محمد يونس منچري ملاح، محمد رمضان، غلام قادر منچري چيو ته دولهھ دريا خان پل تي ڪوسٽ گارڊ اهلڪارن مقامي توڙي ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏين وارن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي ڪوسٽ گارڊ اهلڪار احتجاج ڪندڙن وٽ پهچي معافي ورتي، جنهن کانپوءِ ٻنهي طرفن کان روڊ کوليو ويو.