PrintClose

سانگهڙ/کپرو (نمائندن وٽان) کپري ويجهو ڳوٺ ڪمال فقير ۾ عورت ڀاڳي زال اسماعيل انڙ گهرو اڻبڻت تان مبينا زرعي دوا پي ڇڏي، جنهن کي تعلقي اسپتال کپري آندو ويو، جتي ليڊي ڊاڪٽرياڻي نه هجڻ سبب عورت ڦٿڪي ڦٿڪي فوت ٿي وئي، جنهن بعد فوتي عورت جي لاش جو پوسٽ مارٽم به تعلقي اسپتال کپري ۾ ٿي نه سگهيو، بعد ۾ وارث مڙهه سانگهڙ سول اسپتال کڻائي ويا، فوتي عورت جي مڙس موجب سندس اڳئين گهر جي نياڻي ماني گهري ان ڳالهه تان ڪاوڙجي ڀاڳي زرعي دوا پئي ڇڏي، هو طبيعت جي باولي هئي، ٻئي پاسي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.