PrintClose

مٺي (ڊ ر) ننگرپارڪر گهمڻ لاءِ ويل ٻه نوجوان ننگرپارڪر کان واپس اچي رهيا هئا ته رستي ۾ مال روڊ تي اچڻ ڪري موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار 35 سالن جو ميوو ولد ڀورو موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته سندس پٽ 18 سالا ڪمليش ولد ڀورو ميگهواڙ سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي تعلقي اسپتال ننگرپارڪر ۾ داخل ڪيو ويو آھي. اهي تعلقي ڏيپلو جي ڳوٺ کاڙڪ جا رهواسي هئا.