PrintClose

حيدرآباد (پ ر) سنڌ پروفيسرس ليڪچررس ايسوسيئيشن (سپلا)جي مرڪزي صدر پروفيسر فيروزالدين صديقي پنهنجي هڪ پريس بيان ۾ چيو آهي ته ڊائريڪٽر ڪاليجز حيدرآباد امام علي مرزا پنهنجي نااهلي کي لڪائيندي منهنجي حوالي سان من گهڙت ڳالهيون ڪيون آهن، منهنجي ۽ سپلا جي ساک کي نقصان رسايو ويو، اصل ۾ جڏهن ان ئي بيان ۾ ڊائريڪٽر ڪاليجز حيدرآباد امام علي مرزا پاڻ ئي اعتراف ڪندي چيو آهي ته شير احمد نظاماڻي جون اي سي آرواريون مارڪون 52 بدران 48 لکجي ويون، ان ڪري گهٽ مارڪن سبب سندس ترقي ٿي نه سگهي، اهو بجلي جي لوڊشيڊنگ جي ڪري ٿيو هوندو ته پوءِ سپلا تي الزام ڇو مڙهيو ويو؟؟ ڪيس تيار ڪرڻ مارڪون گڏ ڪرڻ ڊائريڪٽر ڪاليجز جو سيڪريٽ ڪم هوندو آهي، سپلا وارا فقط ڊپارٽمينٽ جي مدد ڪندا آهن، جيڪڏهن ڪنهن جون ايسي آر کٽيل هونديون آهن ته انهن استادن کي اطلاع ڏئي اي سي آرز گڏ ڪرڻ ۾ کاتي جي مدد ڪندا آهن، ترقين لاءِ ورڪنگ پيپرس جا کٽل انگجيڪي کاتي کي گهربل هوندا آهن انهن ۾ سپلا جو ڪردار هوندو آهي پر ورڪنگ پيپر کي حتمي شڪل ڏيڻ سينيارٽي لسٽ کي حتمي شڪل ڏيڻ وقت اهو سڀ سپلا کان سيڪريٽ رکيو ويندو آهي، ان ڪري سپلا تي ڪو به الزام لڳائڻ وڏي ناانصافي ٿيندي، ان کانسواءِ جڏهن ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجزناصر انصار 22 جون واري بيان ۾ واضح طور چئي چڪو آهي ته ڪيس ڊائريڪٽر ڪاليجز حيدرآباد امام علي مرزا وٽان ئي نه ويا هوندا، تڏهن ڪجهه استاد ترقين کان رهجي ويا آهن. سپلا جي مرڪزي صدر پروفيسر فيروزالدين صديقي چيو ته ڊائريڪٽر ڪاليجز اي سي آرس جي مارڪن ۾ هيرا ڦيرا ڪئي آهي، اهو پڌرو آهي رشوت وٺڻ لاءِ اي سي آر سيڪشن مان سدائين استادن جون اي سي آرز گم ڪيون وينديون آهن يا سندن مارڪون گهٽ ڪيون وينديون، جيئن انهن استادن جو ترقيون ٿيڻ کان رهجي وڃن سندن رشوت جو ڪاروبار عروج تي پهچي۽ اهو ئي ٿيو، ڊائريڪٽر ڪاليجز حيدرآباد امام علي مرزا پنهنجي نااهلي سبب استادن جو مستقبل داءَ تي لڳائي ڇڏيو آهي.ان ڪري ڊائريڪٽر ڪاليجز حيدرآباد جي نااهلي جي اعتراف کي ڏسندي ان خلاف انڪوائري ڪاميٽي ويهاري، کيس جوڳي سزا ڏني وڃي ۽رهجي ويل استادن جا پروموشن جلد ڪيا وڃن.