PrintClose

ٺٽو (ڊ ر) گهارو ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ ڪائونسلر جي وچ ۾ اختلاف کانپوءِ ڪائونسلرن جو بلاول هائوس ڏانهن احتجاجي مارچ جاري آهي، مارچ ڪندڙ ڪائونسلر هڪ رات ڌاٻيجي ۾ ترسڻ کانپوءِ بلاول هائوس ڪراچي ڏانهن روانا ٿي ويا، جن ۾ ڪائونسلر اسد عمراڻي، محمد سعيد ڀٽي، امجد سعيد ڀٽي، منصور چانڊيو ۽ ٻيا شامل آهن، جيڪي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو سميت پارٽي جي اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ڪري چيئرمين عثمان ڪنڀار خلاف دانهيندا ان موقعي تي چونڊيل ڪائونسلرن چيو آهي ته اسان جو احتجاج عيد واري ڏينهن به جاري رهندو ۽ عيد نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ پارٽي قيادت سان ملاقاتون ڪري ٽائون چيئرمين پاران ڪيل ڪرپشن ۽ ڪائونسلرن کي نظرانداز ڪرڻ واري عمل جي شڪايت ڪنداسين. هنن چيو ته گهارو ٽائون ڪاميٽي جو چيئرمين لکين رپين جي ڪرپشن ۾ ملوث آهي، هو پارٽي پاليسي کان انحرافي ٿي ڪچن ملازمن کي پڪو نٿو ڪري ۽ 8 مهينن کان پگهارن طور جي ادائيگي نه ڪري کين معاشي ڪنگال بڻائي رهيو آهي. اجلاسن ۽ ٻين فورمن تي احتجاج ڪرڻ جي باوجود ڪائونسلرن جي جائز مسئلن کي نظرانداز ڪري گهارو ۾ پارٽي جي ساک کي نقصان ڏئي رهيو آهي.