PrintClose

حيدرآباد (رپورٽ: جاني خاصخيلي) پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ۽ ايم اين اي فريال ٽالپر ڪوهستان جي دوري دوران پ پ منارٽي ونگ سنڌ جي صدر ايم پي اي ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي جي دعوت تي ٿاڻي احمد خان ۾ اڪراڻي هائوس تي پهتي، جتي ايم پي اي ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي ۽ پ پ ضلعي ڄامشوري جي اطلاعات سيڪريٽري سورج ڪمار اڪراڻي پنهنجي برادري جي معززن ۽ پارٽي جي ڪارڪنن سان گڏجي ايم اين اي فريال ٽالپر جو شاندار استقبال ڪيو ۽ سنڌ جي روايت موجب ايم اين اي فريال ٽالپر کي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو، جڏهن ته سورج ڪمار اڪراڻي پڻ ايم اين اي فريال ٽالپر کي اجرڪ اوڍائي، جڏهن ته ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي ٻين آيل مهمانن پ پ سنڌ جي صدر ۽ سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙي، ايم اين اي اعجاز جکراڻي، مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين مهمانن کي پڻ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا، ملاقات دوران پ پ ايم اين اي فريال ٽالپر ۽ ايم پي اي ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي موجوده سياسي صورتحال ۽ اقليتن جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ان سلسلي ۾ پ پ منارٽي ونگ سنڌ جي صدر ايم پي اي ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي سوڀ سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ ملڪ جي سڀ کان وڏي عوامي ۽ جمهوري پارٽي آهي، ايندڙ عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي نه رڳو سنڌ پر سڄي ملڪ ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪامياب تاريخي جلسن مخالفن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن، هن چيو ته ايم اين اي فريال ٽالپر جو ٿورائتو آهيان، جنهن ڪوهستان جي دوري دوران منهنجي چانهه پارٽي جي دعوت تي اڪراڻي هائوس اچي عزت ڏني، هن چيو ته سنڌ جي اقليتي برادري جو جيئڻ ۽ مرڻ پيپلز پارٽي سان گڏ آهي، پ پ حڪومت سنڌ جي اقليتي برادرين جا مسئلا اوليت جي بنياد تي حل ڪري رهي آهي، پ پ ئي واحد جماعت آهي جيڪا مضبوط وفاق جي علامت آهي.