PrintClose

نوشهروفيروز (ڊ ر) دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ منگيا موري وٽ گهرو اڻبڻت تان خاصخيلي برادري جي منور، منظور احمد ۽ انور خاصخيلي پنهنجي ڀاءُ رستم خاصخيلي ۽ ڀائٽيي فاروق خاصخيلي کي لٺيون ۽ ڪهاڙيون هڻي سخت زخمي ڪري وڌو، جن کي دريا خان مري اسپتال ۾ پهچايو ويو، جتي ڊاڪٽر ۽ عملي جي نه هجڻ ڪري زخمي رستم خاصخيلي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، جڏهن ته فاروق خاصخيلي کي نوشهروفيروز اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي. ٻئي طرف فوت ٿي ويل رستم خاصخيلي جي ڀاءُ سوڍو خاصخيلي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ڀائرن ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب رستم ۽ سندس پٽ فاروق شديد زخمي ٿي پيا، جن کي دريا خان مري اسپتال کڻي آياسين پر اسپتال ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ڊاڪٽر نه پهتو ۽ هو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو آهي، هن چيو ته ڀائرن منور، منظور ۽ انور معمولي ڳالهه تان ظلم جي انتها ڪري ڀاءُ ۽ ڀائٽيي مٿان لٺيون ۽ ڪهاڙيون وسايون انهن سميت دريا خان مري اسپتال جي ڊاڪٽر کي گرفتار ڪيو وڃي، جنهن سرڪاري اسپتال ۾ نه پهچي هٿ سان منهنجي ڀاءُ کي ماريو آهي.