PrintClose

خيرپور(ڊ ر) خيرپور ۾ گهرو تڪرار تان ڇهين ڪلاس جي شاگرد پاڻ تي گولي هلائي ڇڏي،ان سلسلي ۾ شهيد آباد پاڙي ۾ ڪاشف شيخ آپگهات جي ڪوشش ڪئي، وارثن کيس فوري طور سول اسپتال داخل ڪرايو، ڊاڪٽرن هنگامي بنيادن تي آپريشن ڪري شاگرد جي پيٽ مان گولي ڪڍي حياتي بچائي ورتي ۽ هن وقت سندس حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي، واقعي بابت ٻڌايو ويو ته شاگرد پنهنجي پيءُ خالق ڏني شيخ کان 50 رپيا خرچي گهري جنهن تي پرچون جو دڪان هلائيندڙ والد ڪاوڙ ۾ اچي کيس چماٽ هنئي، جنهن تان هن آپگهات جي ڪوشش ڪئي.