PrintClose

گڏاپ (رپورٽ: مير علي گوهر بلوچ) ڪراچي ۾ ايشيا جي سڀ کان وڏي مال پڙي ۾ 5 لک کان وڌيڪ قرباني جا جانور پهتل آهن، جڏهن ته اگهه چوٽ چڙهيل آهن، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سهراب ڳوٺ ويجهو سپر هاءِ وي ڀرسان 7 سئو ايڪڙن تي ٻڌل مال پڙي کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، مال پڙي ۾ سنڌ جي مختلف علائقن سميت بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جا واپاري به قرباني جي جانورن سميت پهتل آهن، مال پڙي ۾ ڍڳن، ٻڪرن، اٺن ۽ ٻين جانورن جا اگهه چوٽ چڙهيل آهن، جنهن ڪري خريدار پريشان آهن، ان حوالي سان قرباني جي جانورن جي خريداري ڪندڙن جو چوڻ آهي ته واپاري پنهنجي مرضي جا اگهه وصول ڪن ٿا، کانئن پڇاڻو ڪرڻ وارو به ناهي، ٻئي طرف واپارين جو چوڻ آهي ته جانورن جي وئڪسين ۽ سيڪيورٽي جي مد ۾ هزارين رپيا ٽيڪس ورتو ٿو وڃي پر هتي ڪا به سهولت موجود ناهي، اضافي ٽيڪس ڏيڻ ڪري جانورن جا اگهه وڌايا آهن.