PrintClose

گڏاپ: مال پڙي ۾ ايندڙ جانورن جي رجسٽريشن به نٿي ڪئي وڃي ۽ نه وري ڪانگو وائرس جهڙي مرض کان بچاءُ لاءِ ٽڪا هنيا وڃن ٿا، ان مقصد لاءِ 24 ڪلاڪن لاءِ مقرر ٿيل وٽرنري ڊاڪٽرز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاپ  به غائب آهن، خالي ڪئمپ ۽ ان تي پينافليڪس ئي نظر آيو، هن ڀيري به هر سال جيان مال پڙي ۾ ٻه گيٽ لڳايا ويا آھن، جنهن ۾ ھڪ داخل ۽ ٻيو خارجي گيٽ آهي، گيٽن تي پرائيويٽ سيڪورٽي گارڊ مقرر ڪيا ويا.