PrintClose

سامارو/ڪنري (نمائندن وٽان) سامارو ٻه ڏينهن اڳ گم ٿيل نوجوان ڪھاڙيون ھڻي بيدردي سان قتل، لاش شاخ مان ھٿ، شڪ جي بنياد تي ٻه ڄڻا گرفتار، مقتول جي گھر ۾ ڪھرام متل. خبر موجب ٻه ڏينھن اڳ ۾ پراسرار نموني گم ٿي ويل سامارو شھر جي رھواسي 19 سالا نوجوان سنيل ڪمار پٽ وشنداس ميگھواڙ کي نامعلوم جوابدارن سخت تشدد جو نشانو بڻائي ڪھاڙيون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، جنھن جو لاش ڪالھه صبح ٽائيم ڪنري ويجھو ڳوٺ قاضي موڙ وٽ ٻسٽان شاخ مان ھٿ آيو، جڏھن ته اھڙو اطلاع ملڻ تي ڪنري پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقا اسپتال ڪنري آندو، جتي اطلاع ملندي ئي مقتول جو والد، ڀاءُ ۽ ساماري تعلقي جو وائيس چيئرمين روي شنڪر ۽ ٻين وارثن سميت سوين ماڻھو اسپتال پھچي ويا ۽ قتل ٿي ويل سنيل ڪمار جي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد رابطو ڪرڻ تي تعلقي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر نارائڻ داس مھيشوري ٻڌايو ته نوجوان کي ٽن ھنڌن تي ڪھاڙيون لڳل آھن. ھن چيو ته لاش گھڻو پاڻي رھڻ ڪري بدبو ڦھلجي چڪي ھئي ۽ جزا ورتا ويا آھن، جڏھن ته پوسٽ مارٽم بعد مقتول جو لاش سامارو شھر نيو ويو، جتي لاش مقتول جي گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، جڏھن ته پيش آيل واقعي بعد ڪنري پوليس شڪ جي بنياد تي ٻن ڄڻن راڻو ميگهواڙ ۽ علي حسن خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو، رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڪنري عاطف شاھ ٻڌايو ته مقتول جي وارثن کي انصاف ڏياريو ويندو ۽ واقعي ۾ ملوث ڪنھن به جوابدار سان ڪا رعايت نه ڪئي ويندي.