PrintClose

گڏاپ: مال پڙي اندر هرسال 21 بلاڪ ٺاھيا ويندا ھئا پر هن سال جگهھ گھٽ ھئڻ سبب يارنهن بلاڪ ٺاھيا ويا آھن، جنهن ۾ هڪ، ٻه، ٽي، ڇهھ ۽ ست وي آءِ پي ۽ ٻن بلاڪن ۾ ٻڪرا ۽ اٺ پڙي مقرر ڪئي وئي آھي، وي آءِ پي بلاڪن جي مختلف فارمن ۾ آمريڪن، گولڊ انگيس، آسٽريليا، بيجليم ۽ بلو نسلن جا جانورن جنهن جا فرضي نالا راڪيٽ، ميزائل، معشوقا، دلنشين، دلدار ۽ ٻيا ٻڌايا ويا، جن جو قيمت 30 کان 45 لک مقرر ڪئي وئي آهي ته ٻئي پاسي وي آءِ پي بلاڪ ٽي جي سنڌ ڊيري فارم ۾ بلوچستان جي بيلا بلوچستان نسل جي جانورن جا قيمت سڀني کان وڌيڪ ٻڌائي وئي، اتي موجود بيلا بلوچستان نسل جي جانورن جي قيمت سٺ لک ۽ وزن 22 مڻ ٻڌايو ويو.