PrintClose

گڏاپ: مال پڙي ۾ واپارين ۽ خريدارن شڪايتون ڪندي چيو آهي ته مال پڙي ۾ سيڪيورٽي، بجلي ۽ پاڻي سميت ڪا به سهولت موجود نه آهي، بلوچستان سبي جي واپاري محمد اسماعيل بروهي ٻڌايو ته واپارين کان في جانور تي سٽي گورنمينٽ، صوبائي گورنمينٽ ۽ جانور پڙي انتظاميا پڙي ٽيڪسن وئڪسينيشن، پاڻي، چارو ۽ سيڪيورٽي جي مد ۾ 12کان 13 هزار ۽ ننڊي جانور تي 8 کان 10 ھزار وصول ڪيا وڃن ٿا، ان باوجود به واپارين کي ڪا به سهولت ميسر نه آھي، واپارين جو چوڻ ھو وٽرنري ڊاڪٽر نه ھئڻ سبب مجبورن مالوند پرائيويٽ ڊاڪٽرن کان ڪانگو وائرس کان بچاءُ جا ٽڪا پئسن عيوض خريد ڪري لڳائين ٿا، پڙي ۾ واپاري پاڻي به خريدڻ تي مجبور، 20 لٽر پاڻي جو دٻو سئو کان ڏيڍ سئو رپين ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو، مال پڙي اندر نه ڪا عارضي بنئڪ برانچ قائم ڪئي وئي آھي ۽ نه وري ڪنهن بنئڪ پاران ڪا اي ٽي ايم مشين رکي وئي آھي.