PrintClose

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ٽرانسپورٽ مافيا هر سال جيان هن ڀيري به عيدالفطر جي موقعي تي اباڻن علائقن ڏانهن ويندڙ ماڻهن کان من گهــُريا ڀاڙا اوڳاڙي رهي آهي، جنهن ڪري هزارين مسافر پريشان آهن، جڏهن ته ٽرانسپورٽ کاتي جا عملدار ڪٿي به نظر نه ٿا اچن. ٽرانسپورٽ مافيا کي ڪير به لغام ڏيڻ وارو ناهي ۽ سانگهڙ، ٽنڊي آدم، شهدادپور، نوابشاهه، خيرپور، دادو،سکر، لاڙڪاڻي ۽ ميرپورخاص سميت صوبي جي ٻين علائقن ڏانهن ويندڙ ماڻهن کان ٽيڻ تي وڌيڪ ڀاڙو اوڳاڙيو پيو وڃي. رڳو 50 ڪلوميٽر مفاصلو رکندڙ ٽنڊي آدم لاءِ مسافر ويگنن طرفان 150 رپيا ڀاڙو وصول ڪيو پيو وڃي، جيڪو اڳ 60 کان 80 رپيا وصول ڪيو ويندو هو. جيڪو اڳ ئي پيٽرول ۽ سي اين جي اگهن تي مقرر ڪيل حڪومتي ڀاڙن کان گهڻو وڌيڪ آهي. پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ڏانهن ويندڙ ماڻهن کان به حيدرآباد جا ٽرانسپورٽر وڌيڪ ڪرايو وصول ڪري رهيا آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي مسافرن دانهيو ته عيد جي موقعي تي مجبوريءَ جو فائدو کڻندي ٽرانسپورٽرز پاڻمرادو گاڏين جا ڀاڙا وڌائي ڇڏيا آهن، جنهنڪري هو سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. هنن چيو ته ڀاڙن ۾ غيرقانوني واڌ باوجود ٽرانسپورٽ کاتي جا عملدار ڪابه ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. مسافرن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته عيد جي موقعي تي ڀاڙن ۾ غيرقانوني واڌ ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کين سهولتون فراهم ڪيون وڃن.