PrintClose

نئين دهلي (م ڊ) ڀارت ۾ ٽرين جي خوفناڪ حادثي ۾ 23 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، نئين دهلي کان 100 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي رياست اتر پرديش جي علائقي اتر کنڊ ۾ هريدواراٽڪل ايڪسپريس جون 14 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 23 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 40 ڄڻا زخمي ٿي پيا، واقعي بعد فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، واقعي جا ڪارڻ معلوم نه ٿيا، ڀارتي وزير ريلوي نوٽيس وٺندي حادثي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.