PrintClose
20-10-2017

واشنگٽن (آن لائن) آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽيلرسن چيو اهي ته ڏکڻ ايشيائي پاليسي مان اهو پيغام آهي ته جيترو عرصو گهربل هوندو، اسان هتي موجود رهنداسين. آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽيلرسن سينٽر فار اسٽريٽجڪ اينڊ انٽرنيشنل اسٽڊيز ۾ خطاب ڪندي چيو ته نئين ڏکڻ ايشيائي پاليسي اهو پيغام آهي ته جيترو عرصو گهربل هوندو، اسان هتي موجود رهنداسين. طالبان ۽ ٻيا ڄاڻي وٺن ته اسان ڪيڏانهن نه پيا وڃون. آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان کي علائقائي مسئلي طور ڏسون ٿا ۽ چئلينجن کي دور ڪري ان جو حل چاهيون ٿا. جڏهن ته افغانستان جي معاملي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت اهم عناصر آهن. ڀارت جو اهم ڪردار اهو آهي ته اهي افغانستان ۾ ترقياتي مامرن ۾ مدد ڪن. ٽيلرسن جو چوڻ آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام متعلق آمريڪي پاليسي ۾ ڀارت ۽ پاڪستان اهم آهن. ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ويجهن لاڳاپن سان ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، ڇو ته افغانستان جو مستحڪم ٿيڻ پاڪستان ۽ ڀارت جا لاڳاپا بهتر ٿيڻ جي فضا پيدا ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي ٻن سرحدن تي ڇڪتاڻ آهي ۽ ٻنهي کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ گهرجي. اميد آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان جي سرحدن تي ڇڪتاڻ گهٽ ٿيندي.