PrintClose

واشنگٽن (م ڊ) دنيا ۾ مردن کان جنسي طور متاثر ٿيندڙ عورتن جي انٽرنيٽ تي شروع ڪيل مهم #Meto ۾ مونيڪاليونڪسي به شامل ٿي وئي آهي، ان مهم ۾ عورتون هيش ٽيگ #Meto لکي ماضي ۾ پاڻ سان ٿيل ڪنهن جنسي زيادتي يا جنسي طور تنگ ڪرڻ جي معاملي بابت ڄاڻ ڏين ٿيون، مونيڪاليونسڪي 1998ع ۾ ان وقت جي صدر بل ڪلنٽن تي کيس جنسي طور تنگ ڪرڻ جا الزام هنيا هئا ۽ اهو اسڪينڊل دنيا ۾ مشهور ٿيو هو، مونيڪا رڳو #Meto لکي رڳو هن مهم جي حمايت ڪري ان ۾ شامل ٿي آهي پر هن پنهنجي ڪنهن به واقعي جو ذڪر نه ڪيو آهي.