خمیس 21 جون 2018ع

اڄ جي اخبار


سوڀ جا مک مضمون


نواز شريف جو 2018ع تائين لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي دعويٰ جو ڇا ٿيو؟

چيني ماڊل ۽ پاڪستان

ٽرمپ اتر ڪوريا سان ٻيهر ڳالهين ڪرڻ لاءِ راضي

سنڌي ٻولي پڙهائڻ کان محرومي ڇو؟

ايس بي سي اي جي 11 سؤ ملازمن جون نوڪريون بچائڻ وارو واکاڻ جوڳو قدم

ڪشن گنگا ڊيم، پاڪستان لاءِ واٽر بم

شوبز جون خبرون


ٽي وي ۽ ٿيٽر جي مشهور اداڪار جميل فخري جي 7 ورسي ملهائي وئي
Generic placeholder image
رنوير سنگهه جي ڀارتي گاني” ليلا مين ليلا “ تي ڊانس جي وڊيو سوشل ميڊي تي وائرل
Generic placeholder image
فلم ”ٽوالٽ ايڪ پريم ڪٿا “چين ۾ 8 جون تي ريليز ڪئي ويندي
Generic placeholder image
اداڪاره ميرا عتيق الرحمان جي گهر واري آهي، عدالت 9 سالن کان پوءِ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو
Generic placeholder image
سلمان خان، انيل ڪپور، جيڪولين فرنينڊس جي فلم ” ريس 3“ جي ممبئي ۾ اشتهاري مهم
Generic placeholder image

سوڀ ميڊيا گروپ

تازاترين خبرون

سپريم ڪورٽ پاران شيعب شيخ جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ ۽ ملازمن کي پگهارون ڏيڻ جو حڪم

ويب ڊيسڪ
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ خانگي ٽي وي چينل بول جي سي اي او شعيب شيخ جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته شعيب شيخ بغير اجازت ٻاهر وڃي نٿو سگهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ خانگي ٽي وي چينل بول جي ملازمن کي رهيل پگهارون نه ڏيڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، شعيب شيخ عدالت ۾ پيش ٿيو. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار شعيب شيخ سان مخاطب ٿيندي رمارڪس ۾ چيو ته توهان ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو، ملازمن کي بقايائون ادا نٿا ڪريو. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته 10 ڪروڙ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، ان جو ڇا ٿيو،گهر ۽ گاڏيون وڪرو ڪري رقم عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي ۽ توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪندي توهين عدالت جي ڪاروائي ڪئي وڃي .شعيب شيخ جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته 10 ڪروڙ جي رقم جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي. عدالت شعيب شيخ کي 10 ڪروڙ جمع ڪرائڻ لاءِ ٻن هفتن جي مهلت ڏيندي رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن ٻن هفتن ۾ رقم جمع نه ڪرائي وئي ته پوءِ شعيب شيخ جيل وڃڻ جي تياري ڪري. چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته شعيب شيخ جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو وڃي، بغير اجازت ٻاهر وڃي نٿو سگهي. جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.
اهم خبرون