اربع 19 ڊسمبر 2018ء
تازاترين خبرون

ڀارت جي رياستي چونڊن ۾ مودي جي جماعت کي بدترين شڪست

ويب ڊيسڪ
نئين دلي: ڀارت جي پنجن رياستن ۾ ٿيندڙ اسيمبلي چونڊن ۾ وزيراعظم نريندر مودي جي پارٽي پنهنجي مضبوط قلعن مڌيا پرديش، ڇتيس ڳڙهه ۽ راجسٿان مان هارائي وئي. ڀارتي ميڊيا موجب مڌيا پرديش، راجسٿان، ڇتيس ڳڙهه، تلنگانا ۽ ميزورم جون اسيمبلي چونڊون پوريون ٿي ويون آهن، غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن ۾ بي جي پي پنجن ئي رياستن ۾ شڪست کاڌي. مڌيا پرديش رياست جي اسيمبلي لاءِ ڄونڊن ۾ سڀ کان سخت مقابلو جاري آهي، هتان سڀني کان وڌيڪ سيٽن 230 لاءِ بي جي پي 106 سيٽن ۾ ڪامياب سان پنهنجي ساک بچائڻ جي ڪوششن ۾ لڳل آهي جڏهن ته ڪانگريس 115 سيٽن سان بي جي پي آڏو مضبوط ڀت جيان بيٺل آهي، هتي حڪومت ٺاهڻ لاءِ ٻنهي پارٽين کي ٻين ننڍين پارٽين کي ملائڻو پوندو. شروعاتي نتيجن مان ظاهر ٿئي ٿو ته بي جي پي راجسٿان ۾ به ڪجهه مزاحمت ڪندي نظر اچي رهي آهي جتي 199 سيٽن لاءِ مقابلو ٿيو جنهن مان ڪانگريس 101 سيٽون کڻي وئي جڏهن ته بي جي پي کي 74 سيٽون هٿ اچي سگهيون، ڪانگريس حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي آهي. بي جي پي کي سڀ کان وڏو ڌچڪو پنهنجي مضبوط ڳڙهه ڇتيس ڳڙهه رياست ۾ پهتو جتي 90 سيٽن تي چونڊون ٿيون، ڪانگريس اميد جي خلاف حڪمران پارٽي کان 69 سيٽون کسڻ ۾ ڪامياب رهي، جڏهن ته بي جي پي صرف 11 سيٽون ئي بچائي سگهي، هتي به ڪانگيس حڪومت ٺاهي سگهي ٿي. تلنگانا ۾ مقامي پارٽي تلنگانا راشٽرز سميٿي وفاقي پارٽيون چورائيندڙ بي جي پي ۽ ڪانگريس کي چونڊ ڊوڙ ۾ تمام گهڻو پوئتي ڇڏي ڏنو ۽ 199 مان 85 سيٽون کٽي رياست جي اسيمبلي ۾ گوئي کڻي وئي، ڪانگريس 23 سيٽن سان ٻئين نمبر تي آهي جڏهن ته مسلمان پارٽي آل انڊيا مجلس اتحاد مسلمين 6 سيٽون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي. ميزورم جا چونڊ نتيجا ڪانگريس لاءِ وڏو ڌچڪو آهن، هتي ڪانگريس جي حڪومت قائم هئي پر اڄ اهو ميدان حيران ڪندڙ طور تي مقامي پارٽي ميزو نيشنل فرنٽ جي نالي رهيو جنهن 40 مان 25 سيٽون حاصل ڪري ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، ان رياست ۾ ڪانگريس کي 6 ۽ بي جي پي کي صرف هڪ سيٽ ملي. مڌيا پرديش ۽ ڇتيس ڳڙهه جي نتيجن بي جي پي جي 15 سالن جي اقتدار جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي ۽ راجسٿان ۾ به بي جي پي پنهنجي حڪومت برقرار نه رکي سگهي جڏهن ته ڪانگريس کي ميزورم ۾ مقامي پارٽي جي هٿان پنهنجي حڪومت کان هٿ ڌوئڻا پئجي ويا. ياد رهي ته وزيراعظم نريندر مودي جي حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ وارو آهي ۽ انهن رياستن جا چونڊ نتيجا پارلياماني چونڊن ۾ اثرانداز ٿيندا. راهول گانڌي جي نوجوان قيادت ۾ ڪانگريس هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت تي راڄ ڪندي نظر اچي رهي آهي جڏهن ته حتمي نتيجا سامهون اچڻ تي ئي منظرنامو مڪمل طور تي واضح ٿي سگهندو.
وڏيڪ پرهو
اهم خبرون