سومر 23 جولائي 2018ع
تازاترين خبرون

آمريڪا پاران افغان طالبان سان سڌو ڳالهين جو فيصلو

ويب ڊيسڪ
ويب ڊيسڪ: واشگنٽن: نيويارڪ ٽائمز دعويٰ ڪئي آهي ته 17 سالن کان هلندڙ افغان گهرو ويڙهه ۾ پهريون ڀيرو آمريڪا افغان طالبان سان سڌو ڳالهين فيصلو ڪري ورتو آهي. ۽ وائٽ هائوس افغان طالبان سان ڳالهين جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. نيويارڪ ٽائمز ۾ شائع ٿيل رپورٽ موجب ٽرمپ انتظاميا پنهنجي اعليٰ قيادت کي چيو آهي ته افغان طالبان سان سڌيون ڳاليهون ڪيون وڃن جنهن لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. آمريڪي اخبار موجب افغانستان ۾ شروع ٿيندڙ آمريڪي ۽ اتحادي جنگ جي 17 ورهين جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهڙو حڪم سامهون آيو آهي ۽ لڳي رهيو آهي ته 17 ورهين جي جنگ ۾ پهريون ڀيرو آمريڪا جي پاليسي تبديل ٿي رهي آهي. آمريڪي اخبار موجب ان کان اڳ طالبان آمريڪا سان ڳالهين تي راضي هئا آمريڪا ان سلسلي ۾ سڌين ڳالهين جي جاءِ تي افغان طالبان ۽ افغان حڪومت کي آمهون سامهون ڳالهين جو خواهشمند هو پر طالبان افغان حڪومت کي تسليم ئي نه ڪندا هئا ۽ کين ڳالهين ۾ شامل ڪرڻ تي راضي نه هئا جنهن سبب ڳالهيون رولڙي جو شڪار رهيون. نيويارڪ ٽائمز جو وڌيڪ چوڻ هو ته طالبان سان سڌين ڳالهين جي حڪم جي آمريڪي اختيارين تصديق ڪئي آهي، آمريڪي ۽ افغان اختيارين جو اتفاق آهي ته افغان عمل ۾ تيزي ۽ افغانستان مان آمريڪا جي نڪرڻ جو واحد رستو اهو آهي ته آمريڪا طالبان سان ڳالهين ۾ سڌو سنئون حصو وٺي.
وڏيڪ پرهو
اهم خبرون