ڇنڇر 21 جولائي 2018ع

اهڙا فنڪار گھٽ آهن جيڪي فني صلاحيتن کي هڪ شعبي تائين محدود نه رکندا آهن: نيلم منير

ويب ڊيسڪ: لاهور: اداڪارا ۽ ماڊل نيلم منير چيو آهي ته فن جي مختلف شعبن ۾ اهڙا فنڪار تمام گھٽ آهن جيڪي پنهنجي فني صلاحيتن کي ڪنهن هڪ شعبي تائين محدود نه رکندا آهن پر هو پنهنجي صلاحيتن جي زور تي اداڪاري سان گڏ ماڊلنگ ۽ ميزباني ۾ به نمايا ڪم ڪندي نظر ايندا آهن. اهڙا فنڪار هميشه ماڻهن جا آئيڊيل بڻجندا آهن. انهن باصلاحيت فنڪارن ۾ هڪ نالو احسن خان جو به آهي جنهن پنهنجي فني سفر دوران فلم ۽ ٽي وي جي شعبن ۾ بهترين ڪم ڪندي پنهنجي هڪ منفرد سڃاڻپ ٺاهي آهي. ان خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ ڪيو. هن چيو ته احسن خان سان گڏ ٽي وي تي ڪم ڪيو پر سلور اسڪرين لاءِ ٺهيل فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو تجربو مون کي حاصل ٿيو، هو ان کان پهريان ڪڏهن نه ٿي سگھيو هو. هو هڪ مڪمل انسان آهي. هن چيو ته فلم ”ڇپن ڇپائي“ ۾ احسن خان کان گھڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو.