آچر 17 ڊسمبر 2017ع
اهم خبرون اي پي ايس سانحي کي 3 سال مڪمل ** شهيدن جي ٽئين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي سوڀ نيوز اي پي ايس جي شهيدن جون قربانيون ضايع نه ڪيون وينديون: آرمي چيف سوڀ نيوز اي پي ايس جي معصوم ٻارن ۽ انهن جي خاندانن جون قربانيون ناقابل فراموش آهن: آرمي چيف قمر جاويد باجوه سوڀ نيوز اسان 3 سال گذري وڃڻ باوجود آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي متاثرن کي انصاف فراهم نه ڪري سگهيا آهيون: بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز اسان جوڊيشل انڪوائري جي شروعات ڪرڻ ۾ ناڪام رهياسين: بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز اسان نيشنل ايڪشن پلان کي لاڳو ڪرڻ ۾ به ناڪام رهياسين: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز سورنهن ڊسمبر 2014ع جو ڏينهن ملڪي تاريخ جي ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز شهيدن جي خون سان لکيل ان باب کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني قوم جيڪي قربانيون پيش ڪيون، اهي شايد ئي ڪنهن ٻي قوم ڏنيون هجن: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز پاڪستاني قوم پنهنجي معصوم شهيدن، پاڪستاني فوج، پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز عدليا تي دٻاءُ وجهڻ وارو ڪو پيدا ئي نه ٿيو آهي** ڪنهن به پلان جو حصو نه ٿينداسين: چيف جسٽس سوڀ نيوز اسان پوري ديانت سان فيصلا ڪندا آهيون، اسان تي ڪو به دٻاءُ ناهي: چيف جسٽس آف پاڪستان www.dailysobh.com

احمد شهزاد جي هڪ دفعو ٻيهر قومي ٽيم ۾ واپسي جو امڪان

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: قومي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي غير معمولي ڪارگردگي کان پوءِ اوپننگ بيٽسمين احمد شهزاد هڪ ڀيري ٻيهر سليڪشن ڪميٽي جي نظرن ۾ اچي ويو ۽ ٽيئن اوپنر جي حيثيت سان مضبوط اميدوار آهي. تنهن هوندي پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ کيس هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر طرفان حتمي منظوري گھربل آهي. احمد شهزاد ٽي ٽوئنٽي ۾ شامل ٿي سگھي ٿو تنهن هوندي اظهر علي جي مڪمل فٽ ٿيڻ کان پوءِ سندس ون ڊي ٽيم ۾ شموليت جا امڪان ناهن. احمد شهزاد ڪارگردگي کان سواءِ ڪيتري ئي مسئلن جو شڪار آهي. سليڪٽرز جو خيال آهي ته قومي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ هن جنهن تيزي سان بيٽنگ ڪئي آهي ڇا هو اهڙي بيٽنگ انٽرنيشنل ميچن ۾ به ڪري سگھندو. ذميوار ذريعا ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا ته احمد شهزاد پاڪستاني ٽيم ۾ جاءِ برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو تنهن هوندي جيڪڏهن احمد شهزاد ٽيم ۾ شامل ٿيندو ته مڊل آرڊر بيٽسمين صهيب مقصود جو ڪيس ڪمزور پئجي ويندو ۽ سندس واپسي مشڪل ٿي ويندي.