آچر 17 ڊسمبر 2017ع
اهم خبرون اي پي ايس سانحي کي 3 سال مڪمل ** شهيدن جي ٽئين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي سوڀ نيوز اي پي ايس جي شهيدن جون قربانيون ضايع نه ڪيون وينديون: آرمي چيف سوڀ نيوز اي پي ايس جي معصوم ٻارن ۽ انهن جي خاندانن جون قربانيون ناقابل فراموش آهن: آرمي چيف قمر جاويد باجوه سوڀ نيوز اسان 3 سال گذري وڃڻ باوجود آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي متاثرن کي انصاف فراهم نه ڪري سگهيا آهيون: بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز اسان جوڊيشل انڪوائري جي شروعات ڪرڻ ۾ ناڪام رهياسين: بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز اسان نيشنل ايڪشن پلان کي لاڳو ڪرڻ ۾ به ناڪام رهياسين: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز سورنهن ڊسمبر 2014ع جو ڏينهن ملڪي تاريخ جي ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز شهيدن جي خون سان لکيل ان باب کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني قوم جيڪي قربانيون پيش ڪيون، اهي شايد ئي ڪنهن ٻي قوم ڏنيون هجن: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز پاڪستاني قوم پنهنجي معصوم شهيدن، پاڪستاني فوج، پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز عدليا تي دٻاءُ وجهڻ وارو ڪو پيدا ئي نه ٿيو آهي** ڪنهن به پلان جو حصو نه ٿينداسين: چيف جسٽس سوڀ نيوز اسان پوري ديانت سان فيصلا ڪندا آهيون، اسان تي ڪو به دٻاءُ ناهي: چيف جسٽس آف پاڪستان www.dailysobh.com

ششي ڪپور جي لاڏاڻي تي هالي ووڊ انڊسٽري سوڳوار

ويب ڊيسڪ: نئين دهلي: بالي ووڊ جو ليجنڊ اداڪار ششي ڪپور ڊگھي بيماري سبب گذريل ڏهاڙي لاڏاڻو ڪري ويو جنهن تي مداحن سميت بالي ووڊ جي ستارن به کيس ڀيٽا پيش ڪندي ڏک جو اظهار ڪيو. بالي ووڊ جي ڪيتري ئي ناليواري ستارن سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئٽر تي ششي ڪپور جي مرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو، جن ۾ ڪاجول، عامر خان، اميتاڀ بچن، ڪرن جوهر ۽ ٻيا شامل آهن. بالي ووڊ شهنشاهه اميتاڀ بچن ششي ڪپور لاءِ لکيل بلاگ ۾ ان سموري لمحن کي ياد ڪيو جيڪي هن ششي ڪپور سان گڏ گذاريا، گڏ ئي سندس محبت، بهترين اداڪاري ۽ منفرد انداز بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. اميتاڀ بچن ان بلاگ جي لنڪ مداحن سان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ شيئر ڪئي ۽ لکيائين ته ” بابو وا پاران ششي ڪپور لاءِ“. اداڪارا ڪاجول به ششي ڪپور جي وڇوڙي تي افسوس جو اظهار ڪندي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ششي ڪپور پنهنجو هڪ منفرد ۽ خاص انداز ٺاهيو هو، هميشه ياد رهندو. بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان به ڏک جو اظهار ڪندي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ششي ڪپور نه رڳو هڪ بهترين اداڪار ۽ فلمساز هو پر هو هڪ سٺو انسان پڻ هو. عامر خان جو چوڻ هو ته ”ششي ڪپور جو وڇوڙو اسان سڀني لاءِ هڪ اداسي جو ڏينهن آهي ڇو ته ششي ڪپور اهو اداڪار آهي جنهن ڀارتي ٿيٽر کي مٿي چاڙهيو، سندس پرٿوي ٿيٽر پرفارم ڪندڙن ۽ ڏسندڙن لاءِ سڀ کان پسنديدا ٿيٽر آهي“، گڏ ئي عامر خان ششي ڪپور کي دعائون ڏنيون ۽ سندس وارثن سان تعزيت ڪئي. ٻئي پاسي اداڪار اڪشي ڪمار به پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ششي ڪپور جو مشهور ڊائيلاگ ”ميري پاس مان هي“ کي ياد ڪيو ۽ لکيائين ته سندس خدمتون شاندار هيون، جن کي هميشه ياد رکيو ويندو. ٻئي پاسي ششي ڪپور جي موت جي خبر ٻڌندي ئي بالي ووڊ ستارن سندس گھر وڃي ڪٽنب سان تعزيت ڪئي، جن ۾ سيف علي خان، ڪرينا ڪپور، اميتاڀ بچن، اڀيشيڪ بچن، ايشوريا رائي، ڪاجول، ڪرشما ڪپور ۽ ٻيا شامل هئا.