آچر 17 ڊسمبر 2017ع
اهم خبرون اي پي ايس سانحي کي 3 سال مڪمل ** شهيدن جي ٽئين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي سوڀ نيوز اي پي ايس جي شهيدن جون قربانيون ضايع نه ڪيون وينديون: آرمي چيف سوڀ نيوز اي پي ايس جي معصوم ٻارن ۽ انهن جي خاندانن جون قربانيون ناقابل فراموش آهن: آرمي چيف قمر جاويد باجوه سوڀ نيوز اسان 3 سال گذري وڃڻ باوجود آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي متاثرن کي انصاف فراهم نه ڪري سگهيا آهيون: بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز اسان جوڊيشل انڪوائري جي شروعات ڪرڻ ۾ ناڪام رهياسين: بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز اسان نيشنل ايڪشن پلان کي لاڳو ڪرڻ ۾ به ناڪام رهياسين: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز سورنهن ڊسمبر 2014ع جو ڏينهن ملڪي تاريخ جي ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز شهيدن جي خون سان لکيل ان باب کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني قوم جيڪي قربانيون پيش ڪيون، اهي شايد ئي ڪنهن ٻي قوم ڏنيون هجن: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز پاڪستاني قوم پنهنجي معصوم شهيدن، پاڪستاني فوج، پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز عدليا تي دٻاءُ وجهڻ وارو ڪو پيدا ئي نه ٿيو آهي** ڪنهن به پلان جو حصو نه ٿينداسين: چيف جسٽس سوڀ نيوز اسان پوري ديانت سان فيصلا ڪندا آهيون، اسان تي ڪو به دٻاءُ ناهي: چيف جسٽس آف پاڪستان www.dailysobh.com

افغانستان ڏانهن ويندڙ دهشتگردي واقعن جا پيرا

مدد علي سنڌي

پاڪستان ۾ اڪثر ڪري بلوچستان توڙي پختونخواهه صوبن ۾ بار بار دهشتگردي ٿي رهي آهي، انهن حملن ۾ اڪثر ڪري معصوم ۽ بيگناهه ماڻهن يا وري گهڻو ڪري سرڪاري ملازمن کي ٽارگيٽ ڪري بمن جو نشانو پيو بڻايو وڃي. بدقسمتي سان پاڙيسري ملڪ افغانستان جون پاڪستان سان ملندڙ سرحدون کليل آهن، جتان بار بار دهشتگردي ڪندڙ عنصرن جي اچ وڃ جاري رهي ٿي، انهن دهشتگردن جون نرسريون يعني سندن محفوظ پناهگاهون ۽ ٺڪاڻا، افغانستان ۾ موجود آهن، جن کي افغانستان حڪومت جي ڳجهين ايجنسين جي مڪمل مالي ۽ انتظامي سهڪار ۽ سهولتڪاريءَ جو مڪمل سامان موجود آهي، افغان سرڪار يا ته ڄاڻي واڻي، اهو سڀ ڪجهه ڪري رهي آهي يا اهڙن عنصرن جي آڏو مجبور ٿيل آهي. اهڙن عناصرن پشاور ۾ اڃا ڪالهه ڪالهوڪي ڳالهه آهي ته دهشتگردي جو واقعو رونما ڪيو آهي. 12 ربيع الاول جي اهم ڏينهن صبح جو ٽن دهشتگردن رڪشا ۾ برقعا پوش ٿي اچي حملو ڪيو، ان حملي جي منصوبه بندي ڪابل ۾ ٿي، ڇاڪاڻ ته دهشتگردن جو افغانستان ۾ موجود پنهنجن ساٿين سان مسلسل رابطو قائم هو، هن حملي ۾ 9 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي بروقت ڪارروائي ۾ دهشتگرد مارجي ويا ۽ 38 شاگرد زخمي ٿي پيا، حملي جي وقت زرعي ڊائريڪٽوريٽ جي هاسٽل ۾ 40 کان 50 شاگرد ترسيل هئا، حملي آورن جو مقصد هاسٽل ۾ داخل ٿي انهن 40 کان 50 شاگردن کي ڌماڪي ۾ نشانو بڻائڻ هو، جيڪي حملي آور خودڪش بمبار هئا، اهو حال آهي خيبرپختونخواهه جو جنهن ۾ ان کان اڳ ڪيترائي حملا ڪري اهم پوليس عملدارن کي شهيد ڪيو ويو آهي، آخر ڪار افغانستان ڇا ٿو چاهي! ڇا کيس هن ڪيل خوني مسئلن جي انجام جي خبر پوي ٿي ته هو پنهنجي ئي برادر اسلامي ملڪ کي دهشتگردي جي باهه ۾ ڇو ڌڪي رهيو آهي؟ افسوس جهڙي ڳالهه ته اها آهي جو هي واقعو 12 ربيع الاول جهڙي مقدس ڏينهن تي ٿيو، جنهن مان حملو ڪندڙن جي ذهنيت ۽ سوچ جو سندو اظهار ٿئي ٿو. چون ٿا ته جڏهن حملي آورن هاسٽل تي حملو ڪيو ته ان وقت جيڪو ٻاهر ٿي آيو ۽ ان تي حملو ڪري گوليون ٿي هنيون ويون. حملي آورن جي هٿن ۾ هينڊ گرنيڊ ۽ جديد اسلحو هو، فائرنگ ۽ حملي جي وقت افراتفري جو عالم هو. بهرحال حملي کان پوءِ ستت ئي پوليس ۽ فوج پهچي وئي ۽ فوجين ئي ان حملي آورن کي گوليون هڻي معاملي کي ختم ڪرايو، بهرحال هڪ اهم ڳالهه اتي اها نظر آئي ته جو مذڪوره حملي کان پوءِ هڪ منٽ جي اندر پوليس ۽ سيڪيورٽي موقعي واردات تي پهچي وئي نه ته وڏي پئماني تي رتوڇاڻ جو انديشو هو، حملي آورن جي خلاف فوجي آپريشن ۾ خيبرپختونخواهه پوليس پڻ متحرڪ نظر آئي، اها هڪ تمام خوش آئنده ڳالهه آهي ته اسان جي سرڪاري مشينري دهشتگردن سان مقابلو ڪري کين قلع قمع ڪرڻ جي اعليٰ صلاحيت رکي ٿي، يقينن اها هڪ حقيقت آهي ته پاڪستان جا به خاص ڪري ٻه صوبا هر هڪ بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ملڪي ۽ غير ملڪي دهشتگردن جي نشاني تي آهن، پاڪستان ۾ هڪ رٿابندي تحت دهشتگردي ڪرائيندڙن جا ڪيترائي مقصد آهن، انهن مقصدن تي جيترو به بحث ڪجي، ان لاءِ هي ڪالم بلڪل گهٽ آهن. مختصر طرح ائين چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان هڪ ئي وقت ڀارت، افغانستان ۽ ايران جي وچ ۾ ڦاٿل آهي، فقط ڀارت جيڪو اسان جي اوڀرندي بارڊر تي موجود آهي، ان جي سرحد سان لاڳو ڏهه ڇانوڻيون موجود آهن، جيڪي هر وقت تيار رهن ٿيون، انهن ڇانوڻين ۾ هر ٻن سالن بعد ڪولڊ اسٽارٽ ۽ هاٽ اسٽارٽ جون مشقون ٿينديون رهن ٿيون، ڀارت جنهن جي دفاعي بجيٽ 27 کرب 40 ارب روپيا آهي، هن سال 2017ع ۽ سال 2018ع جي دفاعي بجيٽ ۾ 10 سيڪڙو واڌ آڻي ڇڏي آهي. اها بجيٽ پاڪستان کان 7 ڀيرا وڌيڪ آهي، ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڪستان به دفاعي بجيٽ تي خرچ ڪري پي، تنهن کان سواءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪشمير جو مسئلو تڪراري مسئلو بڻيل آهي ۽ اهو ڪشمير مسئلو مستقبل ۾ به ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪنهن وڏي تڪرار جو بنياد بڻجي سگهي ٿو، وڏي ڳالهه ته تازو پاڪستان طرفان چين سان سي پيڪ ٺاهه ڪرڻ بعد ڀارت کي جيڪا ڪاوڙ وٺي وئي آهي، اها ڳالهه به سڀني تي ظاهر آهي، وڏي ڳالهه ته ڀارت کليل طور تي اهي الزام هڻي رهيو آهي ته پاڪستان پاڙيسري ملڪن ۾ دهشتگردن کي پناهه ڏئي رهيو آهي، ان الزام جي پاڪستان ته سختي سان ترديد ڪئي آهي، پر ڀارت ان جي جواب ۾ ڪيتريون ئي ڳجهيون ڪارروايون ڪري ٿو، ان جا ثبوت گڏيل قومن واري اداري کي پاڪستان پهچائي چڪو آهي، ساڳي ڳالهه افغانستان جي آهي، افغانستان جيڪو هن وقت پاڪستان ۾ ٿيل دهشتگرد حملو ڪندڙن جو محفوظ پناهه گاهه ۾ تبديل ٿي ويو آهي، جتان جي حڪومت جو خود سندس ئي ملڪ جي ڪيترن ڀاڱن تي ڪنٽرول ڪونهي، اهو به پاڪستان تي ڪاوڙيل آهي ۽ وڏي ڳالهه ته پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪندڙ گروهن جي خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ کان نه رڳو قاصر آهي پر خود افغانستان جون ڳجهيون ايجنسيون پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪرائڻ ۾ اڻ سڌي طرح ملوث نظر اچي رهيون آهن. اهو حال آهي پاڪستان جي اولهندي سرحدن جو. جتي هڪ ئي وقت افغانستان ۽ ايران موجود آهن. ايران ڪنهن وقت مڃي ٿو پر افغانستان 1947ع کان وٺي ڊيورنڊلائين کي مڃڻ کان انڪاري آهي، افغانستان ۾ 1980ع کان وٺي جيڪا حالت ٿي، ان ۾ پاڪستان جي ان وقت جي حڪومت هروڀرون آمريڪي حڪومت جو ساٿ ڏنو ۽ 50 لک افغانين کي پنهنجي ملڪ ۾ پناهه ڏني پر افسوس ته افغان وار کانپوءِ پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر گهر ڪري ويهي رهيو، افغانستان جنهن سان پاڪستان جي 2430 ڪلوميٽر ڊگهي سرحد واضح آهي. اها سرحد چترال جي واهه تان پٽي کان شروع ٿي چمن تائين وڃي پهچي ٿي. ان سرحد کي ڊيورنڊلائين جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. اها لائين برٽش عملدار مسٽر موريٽمر ڊيورنڊ سال 1893ع ۾ قائم ڪئي هئي. پاڪستان 1947ع کانپوءِ ان ڊيورنڊ لائين کي ته تسليم ڪيو پر افغانستان مسلسل سرحدي لائين کان تڪراري آهي. بهرحال اهڙين حالتن ۾ ڦاٿل پاڪستان، اندروني ۽ بيروني حالتن سان مقابلو ڪري رهيو آهي، ان حالت ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڪستان اندر افغاني حڪومت کي عمل درآمد پاليسيون ٺاهي، ملڪ اندر دهشتگردي ڪندڙ عناصرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ انتظامي حالتون بهتر ڪرڻ گهرجن، پوليس ۽ ٻين ايجنسين کي منظم ڪري بهتر ڪم ڪرڻ گهرجي، صورتحال في الحال اها نظر پئي اچي ته دفاعي حڪومت پنهنجي قومي ذميواري نڀائڻ ۾ ڪامياب ته وئي آهي. خبر ناهي ڇو؟ اهڙين حالتن ۾ جڏهن بيروني ۽ اندروني سطح تي صورتحال تمام ڳنڀير هجي، ته پوءِ عمل درآمد ٿيڻ گهرجي، پاڻ هتي نيشنل ايڪشن پروگرام جي ڳالهه نٿا ڪريون، جنهن تي موجوده وفاقي حڪومت گذريل ڪجهه سالن اندر عمل نه ڪرائي سگهي آهي، اهو سڀ عملي شڪل ۾ ٿيڻ گهرجي، وقت سڀني جي آڏو آهي، اسين هنن ئي ڪالمن ۾ چئي سگهون ٿا، باقي ڪرڻ وارا اختيارن وارا آهن ۽ انهن کي ئي پنهنجو اصل ڪم ڪرڻو آهي.