آچر 17 ڊسمبر 2017ع
اهم خبرون اي پي ايس سانحي کي 3 سال مڪمل ** شهيدن جي ٽئين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي سوڀ نيوز اي پي ايس جي شهيدن جون قربانيون ضايع نه ڪيون وينديون: آرمي چيف سوڀ نيوز اي پي ايس جي معصوم ٻارن ۽ انهن جي خاندانن جون قربانيون ناقابل فراموش آهن: آرمي چيف قمر جاويد باجوه سوڀ نيوز اسان 3 سال گذري وڃڻ باوجود آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي متاثرن کي انصاف فراهم نه ڪري سگهيا آهيون: بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز اسان جوڊيشل انڪوائري جي شروعات ڪرڻ ۾ ناڪام رهياسين: بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز اسان نيشنل ايڪشن پلان کي لاڳو ڪرڻ ۾ به ناڪام رهياسين: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز سورنهن ڊسمبر 2014ع جو ڏينهن ملڪي تاريخ جي ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز شهيدن جي خون سان لکيل ان باب کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني قوم جيڪي قربانيون پيش ڪيون، اهي شايد ئي ڪنهن ٻي قوم ڏنيون هجن: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز پاڪستاني قوم پنهنجي معصوم شهيدن، پاڪستاني فوج، پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز عدليا تي دٻاءُ وجهڻ وارو ڪو پيدا ئي نه ٿيو آهي** ڪنهن به پلان جو حصو نه ٿينداسين: چيف جسٽس سوڀ نيوز اسان پوري ديانت سان فيصلا ڪندا آهيون، اسان تي ڪو به دٻاءُ ناهي: چيف جسٽس آف پاڪستان www.dailysobh.com

بجلي لوڊشيڊنگ جي خاتمي وارو اعلان



وفاقي سرڪار دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪ ۾ 4 هزار 5 سئو ميگاواٽ بجلي واڌو موجود آهي، ان ڪري هاڻ ملڪ جي 8 هزار 6 سئو فيڊرن مان ڪالهه کان 10 سيڪڙو کان گهٽ لائين لاسز وارن 5 هزار 257 فيڊرن تي ٻڙي لوڊشيڊنگ ڪرڻ ۽ 30 سيڪڙو لائين لاسز وارن فيڊرن تي 2 ڪلاڪ، 80 سيڪڙو لائين لاسز وارن فيڊرن تي 14 کان 16 ڪلاڪ ساڳي لوڊشيڊنگ جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان 3 ڊسمبر تي پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد لغاري اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سندس چوڻ هو ته ” 4 سال اڳ نومبر ۾ بجلي جي ضرورت 11 هزار 900 ميگاواٽ ۽ پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 9 هزار 279 ميگاواٽ هئي، جنهن تحت سرديءَ جي موسم ۾ 2500 ميگاواٽ بجلي جي کوٽ هئي، جنهن سبب 8 کان 10 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي، جڏهن ته هاڻ بجلي پيدا ڪرڻ جي اهليت 16 هزار 477 ميگاواٽ آهي، جنهن تحت اسان وٽ 2 هزار 700 ميگاواٽ بجلي اضافي موجود آهي، جيڪا استعمال نه ٿي رهي آهي، هن وقت اسان هڪ ڪروڙ 50 لک ميٽر مالڪن کي لوڊشيڊنگ کان آجو ڪري ڇڏيو آهي، اها پاليسي ملڪ جي سمورن حصن تي لاڳو هوندي، شهري ۽ ٻهراڙي جو ڪو به فرق نه هوندو، باقي جتي 80 سيڪڙو بجلي چوري هوندي، اتي مستقبل ۾ به 14 کان 16 ڪلاڪ لوڊشڊنگ ٿيندي رهندي، ڇو ته لائين لاسز ۽ چوري سبب هر سال 135 ارب رپيا نقصان ٿي رهيو آهي، ان لاءِ صوبن کي بجلي چوري روڪرائڻ لاءِ تعاون ڪرڻ جو چيو آهي“.ڏٺو وڃي ته ملڪ ۾ توانائي جو بحران عرصي کان ڪَر کڻي بيٺل آهي، توانائي بحران جي نتيجي ۾ ملڪي معيشت کي به ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، ڇو ته سڄو ڪاروهنوار هلي ئي بجلي تي ٿو، جيڪڏهن بجلي جي لوڊشيڊنگ ٿئي ٿي ته سمورو ڪار وهنوار ٺپ ٿي وڃي ٿو، يعني ملڪي معيشت جو ڦيٿو ئي بيهي ٿو رهي، موجوده مسلم ليگ (ن) اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ عوام سان وعدا ڪيا هئا ته اقتدار ۾ اچي ملڪ مان بجلي جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو آندو ويندو پر اهو ڪم اک مان ماکي لاهڻ وارو سولو ڪم نه هو، ڏهاڪن کان بجلي جي پيداواري منصوبن ۾ وڌل سندن ئي رڪاوٽون سندن لاءِ ئي حڪومت ۾ پريشانيءَ جو سبب بڻجي سامهون آيون، ماضي ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ٿرڪول سميت ٻين متبادل ذريعن مان بجلي جا پيداواري منصوبا شروع ڪيا هئا، جيڪي مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ختم ڪري ڇڏيا هئا، جيڪڏهن ان وقت تعصب واري سياست ڪرڻ بجاءِ قومي سياست ڪئي وڃي ها ته شايد اڄ ملڪ ۾ توانائي جو بحران نه هجي ها، 16کان 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ جو عذاب عوام نه ڀوڳي ها، بهرحال وري به پيپلز پارٽي جي گذريل حڪومتي دور ۾ ٿرڪول بجلي منصوبي کي صورت ملي، ان کان علاوه ٻين بجلي جي منصوبن کي به عمل ۾ آندو ويو، جنهن تي موجوده حڪومت ڪم جاري رکيو ته ان سان ملڪ ۾ بجلي جي پيداواري صلاحيت ڪنهن حد تائين وڌڻ شروع ٿي آهي، اسان سمجهون ٿا ته جيتوڻيڪ حڪومت دعويٰ ڪندي ملڪ ۾ 5 هزار کان وڌيڪ فيڊرن تان بجلي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي پر سنڌ ۾ اڄ به اهو سوال ڪَر کڻي بيٺل آهي ته ڇا بجلي پيداوار ۾ اضافو ٿيڻ سان سنڌ کي رليف ملندو يا سنڌ جي عوام کي وري بجلي چور هجڻ جو چئي سياسي انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو ويندو ؟ جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ وفاقي حڪمرانن کي سنڌ جي عوام جي سخت رد عمل کي منهن ڏيڻو پوندو، ان ڳالهه کان خود وفاقي حڪمران به چڱي ريت واقف آهن ته بجلي چوري کان ويندي لائين لاسز ۾ واپڊا جا ئي ڪرپٽ عملدار ملوث آهن، ان ڪري بجلي چوري ۽ لائين لاسز جي خاتمي لاءِ واپڊا اندر موجود انهن ڪرپٽ عملدارن خلاف ايڪشن عمل ۾ آڻي نه رڳو قومي اداري جي عوام ۾ ساک بحالي ڪئي وڃي، بلڪي ملڪ جي سڀني صوبن جي عوام کي واڌو بجلي جي پيداوار مان هڪ جيترو رليف ڏئي، لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو وڃي ته جيئن ملڪي معيشت جو ڦيٿو پنهنجي رفتار سان ڦرندو رهي ۽ ترقيءَ جون منزلون طئي ٿينديون رهن.