آچر 17 ڊسمبر 2017ع
اهم خبرون اي پي ايس سانحي کي 3 سال مڪمل ** شهيدن جي ٽئين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي سوڀ نيوز اي پي ايس جي شهيدن جون قربانيون ضايع نه ڪيون وينديون: آرمي چيف سوڀ نيوز اي پي ايس جي معصوم ٻارن ۽ انهن جي خاندانن جون قربانيون ناقابل فراموش آهن: آرمي چيف قمر جاويد باجوه سوڀ نيوز اسان 3 سال گذري وڃڻ باوجود آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي متاثرن کي انصاف فراهم نه ڪري سگهيا آهيون: بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز اسان جوڊيشل انڪوائري جي شروعات ڪرڻ ۾ ناڪام رهياسين: بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز اسان نيشنل ايڪشن پلان کي لاڳو ڪرڻ ۾ به ناڪام رهياسين: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز سورنهن ڊسمبر 2014ع جو ڏينهن ملڪي تاريخ جي ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز شهيدن جي خون سان لکيل ان باب کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني قوم جيڪي قربانيون پيش ڪيون، اهي شايد ئي ڪنهن ٻي قوم ڏنيون هجن: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز پاڪستاني قوم پنهنجي معصوم شهيدن، پاڪستاني فوج، پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز عدليا تي دٻاءُ وجهڻ وارو ڪو پيدا ئي نه ٿيو آهي** ڪنهن به پلان جو حصو نه ٿينداسين: چيف جسٽس سوڀ نيوز اسان پوري ديانت سان فيصلا ڪندا آهيون، اسان تي ڪو به دٻاءُ ناهي: چيف جسٽس آف پاڪستان www.dailysobh.com

ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي جلد ٻڌڻي لاءِ درخواستون داخل ڪيون وڃن: نيب چيئرمين

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال نيب آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي جلد ٻڌڻي لاءِ درخواستون داخل ڪيون وڃن. تفصيل موجب نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال انڪوائرين، انويسٽي گيشنز ۽ عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. چيئرمين نيب قومي احتساب بيورو جي آپريشن ڊويزن ۽ پراسيڪيوشن ڊويزن کان 499 نيب انڪوائرين، 287 انويسٽي گيشنز ۽ هڪ هزار 138 ڪيسن جي تفصيل طلب ڪئي آهي جڏهن ته ڪيس منطقي انجام تائين نه پهچائيندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي جي تفصيل به طلب ڪئي وئي آهي. نيب چيئرمين هديات ڪئي آهي ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي جلد ٻڌڻي لاءِ درخواستون داخل ڪيون وڃن. جاويد اقبال جو چوڻ هو ته ڦريل تقريبن 900 ارب رپين جي رقم هٿ ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته قومي ڏوهارين کي قانون موجب منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.