آچر 17 ڊسمبر 2017ع
اهم خبرون اي پي ايس سانحي کي 3 سال مڪمل ** شهيدن جي ٽئين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي سوڀ نيوز اي پي ايس جي شهيدن جون قربانيون ضايع نه ڪيون وينديون: آرمي چيف سوڀ نيوز اي پي ايس جي معصوم ٻارن ۽ انهن جي خاندانن جون قربانيون ناقابل فراموش آهن: آرمي چيف قمر جاويد باجوه سوڀ نيوز اسان 3 سال گذري وڃڻ باوجود آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي متاثرن کي انصاف فراهم نه ڪري سگهيا آهيون: بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز اسان جوڊيشل انڪوائري جي شروعات ڪرڻ ۾ ناڪام رهياسين: بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز اسان نيشنل ايڪشن پلان کي لاڳو ڪرڻ ۾ به ناڪام رهياسين: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز سورنهن ڊسمبر 2014ع جو ڏينهن ملڪي تاريخ جي ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز شهيدن جي خون سان لکيل ان باب کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني قوم جيڪي قربانيون پيش ڪيون، اهي شايد ئي ڪنهن ٻي قوم ڏنيون هجن: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز پاڪستاني قوم پنهنجي معصوم شهيدن، پاڪستاني فوج، پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز عدليا تي دٻاءُ وجهڻ وارو ڪو پيدا ئي نه ٿيو آهي** ڪنهن به پلان جو حصو نه ٿينداسين: چيف جسٽس سوڀ نيوز اسان پوري ديانت سان فيصلا ڪندا آهيون، اسان تي ڪو به دٻاءُ ناهي: چيف جسٽس آف پاڪستان www.dailysobh.com

تعصب ۽ نفرتن کان مٿانهين سنڌ

حنيف سوڍر

ڊسمبر مهيني جي آجيان ڪندڙ، سنڌ جي ثقافت جا رنگ، جنهن وقت سوشل، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي زينت بڻجندا آهن. ان وقت ايئن محسوس ٿيندو آهي، جيئن هي ڪائنات رقص ۾ هجي. هر گهر، ڳلي ڳلي، روڊن، رستن، چوراهن ۽ شاهراهن تي، سنڌ جا ماڻهو گوناگون ۽ جهجها ويس وڳا پهري، ٽوپيون ۽ اجرڪون اوڍي، قومي گيتن ۽ نغمن تي رقص ڪري، ثقافتي عيد جو ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ، جڏهن نڪري نروار ٿيندا آهن. تڏهن سنڌ جي سرهي سرهاڻ سان، سموري دنيا واسجي ويندي آهي، هزارين سالن جون پيڙائون، سمورا ڏک ۽ غم، نين اميدن ۽ امنگن جون روشن باکون ڦٽڻ شرط ئي، ڪنهن اونداهيءَ رات جي اٿاهه اوندهه جيان فنا ٿي چڪا هجن ۽ عظيم ۽ تصوف واري سنڌ جي سرزمين تي سواءِ سنڌ جي وجود ۽ سنڌيت جي. ڪنهن قوم، فرقي رنگ ۽ نسل جي، پاڇي جو به ڪو وجود ئي نه رهيو هجي...! هڪ پاسي قومي گيتن ۽ نغمن جي گونجار تي، سنڌ جي سهڻن ماڻهن جي، اجتماعي ناچ نچڻ تي، ڀرٿ ڀريل وڳن، اجرڪن جي ڦلڙين ۽ ٽوپين تي جڙيل هيرن ۽ ڪاون جا سينا ڇُهندڙ، ڊسمبر جي سج جي وڻندڙ پهرين ڪرڻن جي، جرڪڻ واري جهرمرٽ ۽ ٽُٽي نه ٽُٽندڙ دلڪش نظاري، ڪنهن جي من کي نه موهيو هوندو!؟ اتي مسلسل جاري ستن مهينن کان، پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ سراپا احتجاج بڻيل، سوين ليڊيز هيلٿ ورڪرز به سنڌ جون بهادر نياڻيون آهن، جن ان ثقافتي عيد واري ڏهاڙي به پنهنجي جدوجهد جاري رکي. انهن سنڌي نياڻين کي به سنڌ پرستن اجرڪون اوڍائي، سندن حوصلا ۽ همٿ افزائي ڪئي. اهي منظر به اسان ۽ وقت جي حڪمرانن جي اکين کان اوجهل ڪين رهيا. مٿي بيان ڪيل سموري صورتحال تي، گهڻي غور ويچار کان پوءِ اهو صحيح اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته اسان جو معاشرو، تيزيءَ سان ترقي ڪرڻ بجاءِ پٺ تي ٿي رهيو آهي، سوال هي آهي، ته ڇا واقعي اسان جو سماج ايترو کوکلو ٿي چڪو آهي، جو معاشري ۾ گهڻي ڀاڱي، معصوم ٻارڙا ۽ عورتون متاثر ٿي رهيون آهن؟ اها حقيقت آهي، ته جڏهن حڪومتي ادارا ڪو ٻوٽو نه ٻارين ۽ معاشري جا ماڻهو، گهڻو عرصو بنيادي حقن کان محروم هجن. تڏهن ردعمل ۾ مظلوم عوام عورتون توڙي مرد معصوم ٻارڙن سميت، هر ظلم ۽ جبر جا کنيل ڪوٽ ۽ اڏيل ديوارون ٽوڙي، بي خوف ٿي، ڏاڍا ڏونگر ڏورڻ لاءِ سانڀاهو ڪرڻ ۽ مشڪلاتن سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ سر جي پرواهه نه ڪندي، روڊن، رستن ۽ پريس ڪلبن ڏانهن رخ ڪندا آهن. اهو سچ آهي، ته اسان جي سماج ۾ پڻ ٻارڙن ۽ عورتن سان، ٿيندڙ زيادتن واري ڳالهه ڪا نئين ناهي. ڪافي عرصي کان معصوم ۽ بيگناهه زندگيون، سنڱ چٽي، جرڳن، اغوا، جنسي ڏاڍائي، ننڍي عمر ۾ جبري شاديون، نڪاح مٿان نڪاح، زبردستي يا ڏاڍ جي زور تي مذهب مٽائي شاديون رچائڻ، پيٽ لکي ڏيڻ ۽ ڪارو ڪاري جهڙين ڪڌين رسمن ۽ رواجن جي ور چڙهنديون پيون اچن، جنهن ڪري هيل تائين ڪيئي بيگناهه ۽ معصوم جانيون موت جي منهن پيون آهن، توڙي جو اهڙن ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي، قانون مطابق سزائون ڏنيون ويون آهن. اهڙن واقعن خلاف ڪورٽ سڳوريون نوٽيس وٺنديون آيون آهن ۽ ان کان علاوه قانون نافذ ڪرڻ ۽ انساني حقن وارن ادارن سميت، عورتن جي حقن واريون تنظيمون پڻ مسلسل حرڪت ۾ رهنديون آيون آهن، تنهن جي باوجود معاشري اندر جيءُ جهوريندڙ، اهڙن واقعن ۾ ماٺار ناهي آئي. ڏينهون ڏينهن ان گندگيءَ جو خاتمو ٿيڻ بجاءِ واڌارو ٿيندو پيو وڃي، آخر انسانيت لڄائيندڙ اهڙن واقعن ۾ گهٽتائي نه اچڻ جا ڪهڙا سبب آهن..! آخر ڪير آهن، انهن تباهه ڪارين جا ذميوار..! ڏٺو وڃي ته، ان جو ذميوار ڪو ٻيو نه، بلڪه اسان پاڻ ئي آهيون. معاشري ۾ ٿيندڙ اهڙن واقعن جا، تعليم جي اڻ هوند کان علاوه، ٻيا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. ليڪن مکيه ۽ اهم سبب هي آهن، هڪ ته اسان سنڌ جي تاريخ سميت دنيا جي مختلف قومن، خطن ۽ جنگين جي تاريخ کان اڻ واقف آهيون، ٻيو ته شاهه لطيف، سچل ۽ ساميءَ جي پيغام کان پري آهيون، اسان جي اهڙي اڻ ڄاڻائي يا لاپرواهيءَ ڪري ئي، خود ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندا پيا وڃون، جن سببن ڪري پسمانده قوتن کي، اسان مٿان حاوي ٿيڻ لاءِ هٿي ملندي پئي وڃي. ان ڪري سماج مٿان انتهائي ظلمتن ۽ انتها پسنديءَ واري روش چوٽ چڙهندي پئي وڃي، اهڙي مفادپرستي ۽ بي اعتماديءَ ڪري، اڻ برابري ۽ طبقاتي ڪلچر پيدا ٿيندو آهي. احساسن ۽ اخلاقيات جي عدم موجدگيءَ جي نتيجي ۾، انساني حقن جي لتاڙ ٿيندي آهي. بقول ڪارل مارڪس جي، ته هڪ برائي، ٻي برائيءَ کي جنم ڏيندي آهي. اهڙن واقعن تي افسوس ۽ پٽڪو ڪرڻ بجاءِ، اجتماعي طور انساني حقن جي حاصلات ۽ سنڌ جي وحدت جي بقا ۽ حفاظت لاءِ اسان کي جدوجهد ڪرڻ کپي ۽ ڏينهون ڏينهن سماج اندر وڌندڙ، غير انساني ۽ غير اخلاقي وارن ظلمن کان، سنڌ کي پاڪ ڪرڻ گهرجي. جيڪو اسان جو اولين فرض آهي. ڪٿي ايئن نه ٿئي، جو وقت کان اڳ اسان جون تهذيبون، ثقافتون، ريتون ۽ رسمون، ڪتابن ۾ ئي رهجي وڃن، ڇاڪاڻ ته اسين عظيم سنڌ جي عظيم تهذيب ۽ ثقافت، ريتن ۽ رسمن جا وارث آهيون. تنهن ڪري ثقافتي ڏهاڙو ئي هڪ اهڙو طاقتور پليٽ فارم آهي، جنهن هيٺ جيڪر سڀ پاڻ ۾ ملي ڪري چاهيون، ته ڇا اسان شاهه، سچل ۽ سامي ۽ جي ايم سيد جهڙن عظيم مفڪرن، شاعرن ۽ دانشورن، صوفين، بزرگن ۽ عالمن واري، اها عظيم سنڌ نٿا ماڻي سگهون؟ جيڪا اسان جي سپنن جي راڻي آهي. اها سنڌ جيڪا دنيا کي پيار ۽ محبت، امن، ايڪي ۽ ڀائيچاري جا درس ڏيندڙ آهي. اها سنڌ جيڪا تاريخ ۾ هميشه تعصب ۽ نفرتن کان مٿانهين رهي آهي. اها عظيم سنڌ، جنهن تي دنيا کي ناز آهي. hanifsodhar2017@gmail.com