آچر 17 ڊسمبر 2017ع
اهم خبرون اي پي ايس سانحي کي 3 سال مڪمل ** شهيدن جي ٽئين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي سوڀ نيوز اي پي ايس جي شهيدن جون قربانيون ضايع نه ڪيون وينديون: آرمي چيف سوڀ نيوز اي پي ايس جي معصوم ٻارن ۽ انهن جي خاندانن جون قربانيون ناقابل فراموش آهن: آرمي چيف قمر جاويد باجوه سوڀ نيوز اسان 3 سال گذري وڃڻ باوجود آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي متاثرن کي انصاف فراهم نه ڪري سگهيا آهيون: بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز اسان جوڊيشل انڪوائري جي شروعات ڪرڻ ۾ ناڪام رهياسين: بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز اسان نيشنل ايڪشن پلان کي لاڳو ڪرڻ ۾ به ناڪام رهياسين: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز سورنهن ڊسمبر 2014ع جو ڏينهن ملڪي تاريخ جي ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز شهيدن جي خون سان لکيل ان باب کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني قوم جيڪي قربانيون پيش ڪيون، اهي شايد ئي ڪنهن ٻي قوم ڏنيون هجن: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز پاڪستاني قوم پنهنجي معصوم شهيدن، پاڪستاني فوج، پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز عدليا تي دٻاءُ وجهڻ وارو ڪو پيدا ئي نه ٿيو آهي** ڪنهن به پلان جو حصو نه ٿينداسين: چيف جسٽس سوڀ نيوز اسان پوري ديانت سان فيصلا ڪندا آهيون، اسان تي ڪو به دٻاءُ ناهي: چيف جسٽس آف پاڪستان www.dailysobh.com

قدامت پرست نظريا ۽ کوکلي سياست

سرمد اياز

سپريم ڪورٽ طرفان پاناما کان اقامه تائين مقدمن کي منهن ڏيڻ، روزانو ظاهر ٿيندڙ حقيقتن، خوارين ۽ رسوائن کانپوءِ جڏهن نواز شريف کي نااهل قرار ڏئي برطرف ڪيو ويو ته پوءِ کيس ”نظرياتي“ سياست ياد اچي وئي آهي، نواز ليگ جي حڪومت جي ڪمزوري ويتر کليل نموني منظرعام تي آئي آهي، ويجهڙ ۾ ئي نواز ليگ جن ”نظرين“ جي ڳالهه ڪئي هئي، اُهي به پڌرا ٿي ويا آهن، اڄڪلهه جي سياست جو الميو هي آهي ته تحريڪ انصاف کان وٺي نواز ليگ ۽ ٻين حاوي سياسي جماعتن تائين جا رهنما ”نظرين“ جو ذڪر ڪجهه گهڻو ئي ڪري رهيا آهن، (پر انهن ”نظرين“ کي سمجهڻ جي جيتري به ڪوشش ڪئي وڃي) انسان ٻُڏتر ۽ وڌيڪ تجسس جو ئي شڪار ٿئي ٿو، (ڇاڪاڻ ته مروج سياست نظرين کان خالي ٿي چڪي آهي، ان ڪري نظرين جي رٽ صرف لفاظي ئي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته بنيادي معاشي، سماجي، سياسي ۽ طبقاتي معاملن تي اڪثر پارٽين جا جيڪڏهن ڪي ”نظريا“ آهن ته انهن ۾ ڪو خاص فرق ناهي. سڀ جو سڀ موجوده ڳريل سڙيل سرمائيدار نظام جا نمائندا ۽ پيروڪار آهن، دولت جو سياست تي غلبو آهي ۽ سياست دولت ڪٺي ڪرڻ لاءِ وقف ٿي چڪي آهي. برطرفيءَ کانپوءِ نواز شريف نظرياتي هجڻ جي دعويٰ ڪئي، پر انهن نظرين کي اڃان تائين واضح ناهي ڪيو ويو، ان جي پارٽي جا بنياد قدامت پرستي تي ترقي پسنديءَ جو ليبل لڳائي ناهن سگهيا، نه ئي لڳي سگهن ٿا. اڳوڻي کاٻي ڌر جي رهنما نواز شريف کي جيترو به سبق پڙهايو نواز ليگ روايتي طور تي سرمائيدارن جي پارٽي آهي ۽ نواز شريف ان طبقاتي نظام خلاف ڪو سنجيده موقف اختيار نه ٿو ڪري سگهي، هونءَ به کاٻي ڌر جي مفڪرن جي سرمائيداراڻين پارٽين اندر حيثيت ”ٽولي“ کان وڌيڪ ناهي هوندي، پر ڪجهه ماڻهو پاڻ جنهن ماضيءَ جي فڪري پسمنظر سان تعلق رکندا آهن، انهن تحت به انقلاب ”مرحليوار انقلاب“ جي ايجنڊا جو ابتدائي مرحلو ڪڏهن هيو ئي نه، نواز ليگ پاڪستان جي سرمائيدار طبقي جي روايتي جماعت مسلم ليگ جو ئي تسلسل آهي، ان پارٽيءَ کي ننڍي کنڊ جي مسلمان سرمائيدارن ۽ جاگيردارن ئي پنهنجن مالي مفادن لاءِ جنم ڏنو هو، ان بالادست طبقي جو معاشي ۽ سماجي ڪردار قدامت پرستاڻو آهي، ان ۾ ترقي پسندي جي گنجائش ان جي مخصوص تاريخي ڪردار جي ڪري نه آهي، جتي هي طبقو پنهنجي سماجي حيثيت ۽ مالياتي سائيز کي وڌائڻ لاءِ بدعنواني تي مجبور آهي، اُتي ان کي مذهبي ۽ قدامت پرست رجحانن جي ٽيڪ به وٺڻي پوي ٿي، جڏهن 1977ع ۾ مذهب جي نالي ۾ ڀٽو مخالف تحريڪ هلائي وئي، ان کان پوءِ به بالادست طبقن کي خوش ڪرڻ لاءِ جيڪي به قدم کنيا ويا، اُهي سڀ جو سڀ مٿين طبقن کي ڪمزور ڪرڻ بدران الٽو ترقي پسند قوتن کي ڌڪ لڳا، هتي ته نواز ليگ وارا پنهنجن وٽ روئي آيا آهن، ايوب خان خلاف ترقي پسندن کلي عام بغاوت ڪئي هئي، نواز شريف ته کليل نموني ضياءُ الحق جي مذمت به نه ٿو ڪري سگهي،. نواز شريف ۽ مريم صاحبه جا ادارن خلاف بيان ظاهري طور تي انهن کي مزاحمتي ڪردار رکندڙ سياستدانن جو روپ ڏئي رهيا آهن پر عوام جي حوالي سان اميد جو اهو ڪرڻو ۽ مسئلن جي حل لاءِ لائحه عمل کان خالي آهن. ان سرمائيداراڻي نظام ۾ جيتري صلاحيت هئي ايترا منصوبا هنن حڪمرانن قرض کڻي لڳائي ڇڏيا آهن پر عوام جي زندگين ۾ ته ڪا بهتري ناهي آئي. نه ئي ان غربت ۽ محرومي جي سمنڊ مان اهڙن شاهي منصوبن سان ڪروڙين انسانن جي زندگين ۾ ڪا سهولت ٿي سگهي ٿي. جمهوريت ۽ آمريت جو تڪرار هڪ ڊگھي عرصي کان جاري آهي. ضيائي آمريت خلاف اڀريل پورهيت عوام جي مزاحمتي تحريڪ کي زائل ڪرڻ لاءِ بعد ۾ انقلابي پروگرام ئي تبديل ڪندي ان تحريڪ کي طبقاتي جدوجهد مان هٽائي اولهه واري ”جمهوريت“ جي جدوجهد ۾ تبديل ڪيو ويو هو، کوڙ جمهوري حڪومتون آيون پر عوام جي حالت بد کان بدتر ئي ٿيندي وئي، هاڻي نواز شريف ۽ مريم نواز صاحبه وري ان پراڻي گٺل پيٺل رڪارڊ کي ٻيهر ورجائڻ چاهين ٿا. ڪجهه آمريتن هتان جي عوام مٿان جبر ۽ استحصال جا جيڪي جبل ڪيرايا، انهن خلاف مزاحمتي جذبن کي به هِنن ڪيش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر جتي ماضيءَ جي شهادتن ۽ قربانين واري سياست دم ٽوڙي چڪي آهي، ته نواز شريف جي برطرفي واري ”قرباني“ به ڪنهن وڏي عوامي طوفان کي نه ٿي اڀاري سگهي، تحريڪ انصاف ۽ ٻيون جمهوريت جو راڳ آلاپيندڙ جماعتون هن لڙائي ۾ جيئن ته ادارن جون حامي ٿي ڪري وائکيون ٿيون آهن، انڪري هڪ محدود حد تائين سياست ۾ متحرڪ وچولي طبقي جون همدرديون مريم صاحبه ۽ نواز شريف ڏانهن وڌيون آهن. شهباز شريف ۽ چوڌري نثار وارو ڌڙو ان تضاد ۾ سندن مدمقابل قوتن سان گڏ بيٺو آهي، پر هي فيملي ڊرامو به وڌيڪ اثرانداز نه پيو ٿئي. حقيقت هيءَ آهي ته موجوده سياست جي وڏي اڪثريت هاڻي عوام کي وساري اقتدار جي حاصلات لاءِ ادارن جو پاسو وٺي رهي آهي. عوام به ايترو بي خبر نه آهي. جيڪڏهن ٽي چار ڪروڙ جي وچولي طبقي کان هٽي ڪري پورهيت طبقن جي وڏي آباديءَ جو جائزو ورتو وڃي ته اڪثر سرويز مطابق اُهي نه صرف ان سياست مان بيزار آهن پر مايوس به آهن، مختلف فرقن جو اڀار به ان سياست کي وڌيڪ ساڄي پاسي ڌڪي عوام مٿان قدامت پسندي کي وڌيڪ ٿاڦڻ واري پلان جو حصو آهي پر ڪجهه حلقن ۽ انهن کان تنگ عام ماڻهن جو جائزو ورتو وڃي ته هي مختلف گرهن (سيارن) جي مخلوق نظر اچن ٿا، جڏهن پورهيتن جي طبقاتي جدوجهد شدت وٺي تحريڪن جي شڪل اختيار ڪري ٿي ته پوءِ ڌرڻن ۽ سول سوسائٽي جي پريس ڪلبن ٻاهران مظاهرن کي تماشائين طور ڏسندڙ صرف ڏسندڙ نه ٿا رهن پر پنهنجي زندگين جي اذيتن مان نجات ماڻڻ لاءِ پنهنجي عملي سياست شروع ڪري ڇڏين ٿا، اهڙين تحريڪن جو نه مريم صاحبه ۽ نواز شريف وٽ ڪو پروگرام آهي، نه ئي ڪو لائحه عمل اٿن. انهن جو نظريو هن ئي نظام کان شروع ٿي ڪري انهيءَ ۾ ختم ٿي وڃي ٿو، سياسي آسمان تي ڪو متبادل نه هجڻ جي صورت ۾ خاص ڪري پنجاب ۾ ان کي ڪنهن حد تائين سطحي حمايت ملندي پر انهن جي پنهنجي پارٽيءَ جا پارليامينٽ ميمبر جڏهن استعيفيٰ جمع ڪرائڻ پيرن وٽ وڃي رهيا هجن، ته اهڙي صورتحال ۾ ڪجهه ڪرڻ لاءِ يا ته ان سڄي پارٽي کي ئي ٽوڙڻو پوندو، يا وري اها سياسي هلڪڙائپ ۽ ڇڙواڳي ئي جاري رهندي. عوام کي ان سياست مان هونءَ به بي دخل ڪيو ويو آهي. انهن جي ٻرندڙ مسئلن جو ڪٿي ذڪر نه آهي پر جڏهن سياست عوام کان ويڳاڻي ٿي وڃي ته ادارا به بحران جو شڪار ٿي وڃن ٿا. عوام ان جبر ۽ ذلت کي قبول ڪيو آهي نه ئي ڪو انسان ڪري سگهي ٿو، جڏهن انهن ادارن ۽ انهن جي ڌرڻن جو خوف هڪ نفرت ۾ بدلجي وڃي ٿو ته پوءِ ان جي باهه جبلن کي به چيري ڦاڙي نجات جا رستا ڪڍي وٺي ٿي.