آچر 17 ڊسمبر 2017ع
اهم خبرون اي پي ايس سانحي کي 3 سال مڪمل ** شهيدن جي ٽئين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي سوڀ نيوز اي پي ايس جي شهيدن جون قربانيون ضايع نه ڪيون وينديون: آرمي چيف سوڀ نيوز اي پي ايس جي معصوم ٻارن ۽ انهن جي خاندانن جون قربانيون ناقابل فراموش آهن: آرمي چيف قمر جاويد باجوه سوڀ نيوز اسان 3 سال گذري وڃڻ باوجود آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي متاثرن کي انصاف فراهم نه ڪري سگهيا آهيون: بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز اسان جوڊيشل انڪوائري جي شروعات ڪرڻ ۾ ناڪام رهياسين: بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز اسان نيشنل ايڪشن پلان کي لاڳو ڪرڻ ۾ به ناڪام رهياسين: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز سورنهن ڊسمبر 2014ع جو ڏينهن ملڪي تاريخ جي ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز شهيدن جي خون سان لکيل ان باب کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني قوم جيڪي قربانيون پيش ڪيون، اهي شايد ئي ڪنهن ٻي قوم ڏنيون هجن: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز پاڪستاني قوم پنهنجي معصوم شهيدن، پاڪستاني فوج، پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز عدليا تي دٻاءُ وجهڻ وارو ڪو پيدا ئي نه ٿيو آهي** ڪنهن به پلان جو حصو نه ٿينداسين: چيف جسٽس سوڀ نيوز اسان پوري ديانت سان فيصلا ڪندا آهيون، اسان تي ڪو به دٻاءُ ناهي: چيف جسٽس آف پاڪستان www.dailysobh.com

گُهٽ، ٻُوسٽ ۽ مُنجهه ڪهڙي

امر جليل

اڄ اسان اُها ڳالهه ڪرڻ وڃون پيا، جنهن ڳالهه جو وسيع تجربو رکندڙ دانشورن سختي سان منع ڪري ڇڏيو آهي، اسان جو لفظ مون پنهنجي لاءِ استعمال نه ڪيو آهي.، هونءَ به مولائي فقير ڪڏهن به پاڻ کي جوڙ ڪٽ ناهن سمجهندا، خاڪ نشين اڪيلا ايندا آهن، اڪيلا رهندا آهن ۽ اڪيلا ئي موڪلائي ويندا آهن، اسان مان مراد آهي اوهان ۽ مان، اوهان سمجهي ويا هوندا ته اڄ اوهان ۽ مان اهڙي ڳالهه ڪرڻ وڃون پيا جنهن ڳالهه سان اسان جي وڏڙن پري رهڻ جي تلقين ڪئي آهي، اڄ اسان يعني اوهان ۽ مان سوچڻ وڃون پيا، اسان سوچڻ لاءِ ڪيڏانهن وڃون پيا؟ اهو مان نه ٿو ڄاڻان، مان صرف ايترو ڄاڻان ٿو ته اسان سوچڻ وڃون پيا، اوهان هلڻ لاءِ تيار آهيو نه؟ منهنجو مطلب آهي ته اوهان سوچڻ لاءِ تيار آهيو نه؟ اچو سوچيون ٿا، جيڪڏهن توهان کي ڪامل يقين آهي ته اسان وٽ اظهار جي مڪمل آزادي آهي ته پوءِ مان اوهان سان اختلاف راءِ رکان ٿو پر اوهان جي ڪامل يقين جو احترام ڪريان ٿو، اهڙي طرح منهنجو ڪامل يقين آهي ته اسان وٽ اظهار جي آزادي نه آهي، گهُٽ ٻوسٽ آهي، ساهه گهُٽجي ٿو، اختلاف راءِ رکڻ باوجود مان اميد ڪريان ٿو ته اوهان منهنجي ڪامل يقين جو احترام ڪريو ٿا، ان کان علاوه اسان وٽ ٻيو ڪو گس به ته نه آهي، اسان پاڙيسري آهيون، هڪٻئي جا پاڙي وارا آهيون، هڪ ئي سماج ۾ رهون ٿا، هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ اسان جي مجبوري آهي، هم آهنگي اسان جي ضرورت آهي، اوهان ڪڏهن به سڪون جي ننڊ نه ٿا سمهي سگهو، جيسيتائين اوهان مون کان نفرت ڪندا رهندا، آئون ڪڏهن به سڪون جي ننڊ نه ٿو سمهي سگهان، جيسيتائين مان توهان سان نفرت ڪندو رهندس. جڏهن اسان سڄي رات جاڳي جاڳي ڪري هڪٻئي کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ جا منصوبا ٺاهيندا رهون ٿا، تڏهن قسمين قسمين جا نفسياتي مرض ۽ نفسياتي مونجهان جو شڪار ٿي وڃون ٿا، دانشمند اسان تي کلن ٿا، ٻار اسان کي پٿر هڻن ٿا، اوهان کي چنبيلي ۽ گلاب جا گُل سُٺا لڳن ٿا، سُٺي ڳالهه آهي، اها اوهان جي پسند آهي، اِهو اوهان جو ذاتي حق آهي، مون کي ڪيڪٽس يعني ٿوبر سُٺا لڳن ٿا، اها منهنجي پسند آهي، ان ۾ ڪا برائي نه آهي، اهو منهنجو ذاتي حق آهي. ان سان ڪنهن ٻئي جي حق تلفي نه ٿي ٿئي، اسان جو مسئلو هي آهي ته اسان چاهيون ٿا ته سڄي دنيا جا ماڻهو اسان وانگر سوچين، هڪ واقعي جا هڪ سئو اکين ڏٺا شاهد واقعي جي هڪ ڪهاڻي ناهن ٻُڌائيندا، اُهي هڪ واقعي جي الڳ الڳ رخ ۾ هڪ سئو مختلف ڪهاڻيون ٻُڌائين ٿا، جهڙي طرح اسان جون صورتون هڪٻئي کان مختلف هونديون آهن، شڪل شبيهه ۾ هڪٻئي سان هڪجهڙائپ ناهيون رکندا، بلڪل ائين اسان پنهنجي پنهنجي سوچ ۾ هڪٻئي جي ابتڙ هوندا آهيون، اسان جي پسند ناپسند هڪٻئي جي پسند ناپسند کان مختلف هوندي آهي، اسان جا ڊپ ۽ خوف مختلف هوندا آهن، اسان جا وهم الڳ الڳ نوعيت جا هوندا آهن، اها ڪا حيرت جي ڳالهه نه آهي، هڪ ماءُ جي پيٽ مان جنم وٺندڙ ٻه ٻار پنهنجي پنهنجي شخصيت کڻي هن دنيا ۾ اچن ٿا، انهن جي سوچ، انهن جي پسند، انهن جي ناپسند هڪٻئي کان مختلف هوندي آهي، ٻه ماڻهو، ٻه انسان ڪڏهن به هڪجهڙا ناهن هوندا، هڪ ٻولي ڳالهائيندڙ هڪ مٺ ناهن هوندا، هڪ ئي عقيدي جا پيروڪار هڪ ناهن هوندا. ڪامياب ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ ماڻهو هڪٻئي جو احترام ڪن ٿا، ذاتي نوعيت جي سمورن اختلافن باوجود اُهي هڪٻئي سان نفرت ناهن ڪندا، هڪٻئي جي اختلاف راءِ جو تحفظ ڪن ٿا، هڪٻئي لاءِ جاءِ Space پيدا ڪن ٿا، ترقي يافته ماڻهو هم آهنگي کي ڪڏهن هٿان وڃڻ ناهن ڏيندا، اُهي خوش اسلوبي سان جيئن ٿا ۽ ٻين کي خوش اسلوبي سان جيئڻ ڏين ٿا. پسمانده معاشري جا ماڻهو ان ڳالهه تي گرما گرم بحث ۾ پئجي وڃن ٿا ته گهر اندر داخل ٿيندي اول ساڄو پير اڳيان هجڻ گهرجي يا کاٻو پير، ڪنهن نتيجي تي پهچڻ کان اڳ جهيڙو ٿي وڃي ٿو. چٻرو Owl دانشمندي جي علامت آهي يا بيوقوفي جي علامت آهي؟ يا مورڳو نڀاڳ جي علامت آهي؟ ان ڳالهه تي تلوارن مياڻ مان نڪري اچن ٿيون، هڪ ماڻهو چوي ٿو ته مان مڃان ٿو ته دنيا چوڪندِي نه آهي، دنيا گول آهي، ٻيو ماڻهو چوي ٿو ته مان قبول ڪريان ٿو ته دنيا گول آهي، چوڪنڊي نه آهي. لفظن جي چونڊ تي اُهي پاڻ ۾ الجهي پون ٿا. هڪٻئي کي مرڻ مارڻ تي آماده ٿي وڃن ٿا. ٻئي ماڻهو مڃين ٿا ته دنيا چوڪنڊي نه آهي، دنيا گول آهي، پسمانده سماجن ۾ ماڻهو بنا ڪارڻ هڪٻئي کي پسند ناهن ڪندا، جڏهن اسان هڪٻئي کي ناپسند ڪريون ٿا، تڏهن هڪٻئي جي نيت تي شڪ ڪريون ٿا، ٻئي ماڻهو لفظن جي چونڊ تي پاڻ ۾ ڦاسي پون ٿا، هڪ چيو ته مان مڃيان ٿو ته دنيا گول آهي، ٻئي چيو ته مان قبول ڪريان ٿو ته دنيا گول آهي، ٻه لفظ مڃڻ ۽ قبول ڪرڻ انهن ٻڻهي جي وچ ۾ اختلاف جو ڪارڻ ٿي وڃن ٿا ۽ ڳالهه جنگ جدل تائين وڃي پهچي ٿي، هماليه جبل اونچائي، ويڪر ۽ ڊيگهه ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو جابلو سلسلو آهي، ائين جيڪڏهن ڪو اهو چئي ته منگهو پير جو جابلو سلسلو دنيا جو سڀ کان وڏو جابلو سلسلو آهي ته ڇا ان دعويٰ سان هماليه جبل ننڍو ٿي ويندو؟ جيڪڏهن اوهان وٽ اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ٺوس ثبوت ناهي ۽ اوهان ٻُڌل سڌل ڳالهين تي يقين ڪندي مڃي ورتو آهي ته هماليه جبل دنيا جو سڀ کان وڏو جابلو سلسلو آهي ته پوءِ اوهان منگهو پير جي جابلو سلسلي جي ڀيٽ هماليه جبل سان ٻُڌي ڪري پنهنجي ڪنٽرول مان ٻاهر ٿي ويندا، ثابت ڪرڻ لاءِ جيئن ته اوهان وٽ ڪجهه نه آهي، اوهان مرڻ مارائڻ تي لهي اچو ٿا. اوهان جو جارحاڻو رويو اوهان جي اندر لوڏا کائيندڙ يقين جي چغلي هڻي ٿو ۽ جيڪڏهن هماليه جبل بابت اوهان جو مطالعو مستند آهي ته پوءِ هماليه جبل جي منگهو پير جي جبلن سان ڀيٽ جون بيوقوفياڻيون ڳالهيون ٻُڌي ڪري اوهان کلي پوندا، اوهان کي ڪاوڙ نه ايندي، هتي، جيڪڏهن اوهان اندر مان کوکلا آهيو، اوهان جي معلومات معتبر نه آهي ته پوءِ اوهان جو تپي باهه ٿيڻ لازمي آهي، يقين جي عمارت ڪمزور بنيادن تي بيهاري نه ٿي وڃي. (جنگ گروپ جي ٿورن سان)