آچر 17 ڊسمبر 2017ع
اهم خبرون اي پي ايس سانحي کي 3 سال مڪمل ** شهيدن جي ٽئين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي سوڀ نيوز اي پي ايس جي شهيدن جون قربانيون ضايع نه ڪيون وينديون: آرمي چيف سوڀ نيوز اي پي ايس جي معصوم ٻارن ۽ انهن جي خاندانن جون قربانيون ناقابل فراموش آهن: آرمي چيف قمر جاويد باجوه سوڀ نيوز اسان 3 سال گذري وڃڻ باوجود آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي متاثرن کي انصاف فراهم نه ڪري سگهيا آهيون: بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز اسان جوڊيشل انڪوائري جي شروعات ڪرڻ ۾ ناڪام رهياسين: بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز اسان نيشنل ايڪشن پلان کي لاڳو ڪرڻ ۾ به ناڪام رهياسين: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز سورنهن ڊسمبر 2014ع جو ڏينهن ملڪي تاريخ جي ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز شهيدن جي خون سان لکيل ان باب کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني قوم جيڪي قربانيون پيش ڪيون، اهي شايد ئي ڪنهن ٻي قوم ڏنيون هجن: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز پاڪستاني قوم پنهنجي معصوم شهيدن، پاڪستاني فوج، پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز عدليا تي دٻاءُ وجهڻ وارو ڪو پيدا ئي نه ٿيو آهي** ڪنهن به پلان جو حصو نه ٿينداسين: چيف جسٽس سوڀ نيوز اسان پوري ديانت سان فيصلا ڪندا آهيون، اسان تي ڪو به دٻاءُ ناهي: چيف جسٽس آف پاڪستان www.dailysobh.com

پ پ جو پنجاب ۾ مخالفن کي ڀرپور جواب

ايڊيٽوريل
پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان ڪالهه 5 ڊسمبر تي اسلام آباد ۾ پارٽيءَ جي 50 هين يومِ تاسيس گولڊن جوبلي جي موقعي تي ملڪي سطح جو وڏو سياسي پاور شو ڪيو ويو، جنهن ۾ پيپلز پارٽي پنجاب ۾ پنهنجي مخالفن کي ڀرپور جواب ڏنو آهي، وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ پ پ جي قيادت ميڊيا تي ڇانيل عوامي جلسي کي خطاب ڪندي جتي نه رڳو ملڪي ۽ علائقائي صورتحال تي جامع انداز ۾ ڳالهايو، بلڪي عالمي افق تي ڇانيل مسئلن، تڪرارن ۽ انهن جي تُرت حل بابت اهم ڳالهيون به ڪيون، اتي جمهوريت کان ويندي ماضيءَ ۾ غير جمهوري قوتن جي کنيل غلط قدمن سبب پيدا ٿيل بحرانن ڏانهن به سنجيدگيءَ سان ڌيان ڇڪايو، جلسي ۾ اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري مسلم ليگ (ن) جي حڪومت، ميان نواز شريف ۽ عمران خان تي ڪڙي تنقيد ڪندي چيو ته ” اسان ٻه ڀيرا جمهوريت کي بچايو پر هاڻ نواز شريف جي جمهوريت کي نه بچائينداسين، هاڻي اسان پنهنجي جمهوريت آڻينداسين، جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ” جڏهن به ملڪ ۾ آمريت لڳائي وئي ۽ پورهيتن جا حق کسيا ويا ته ان وقت صرف پيپلز پارٽيءَ ئي بغاوت جو علم بلند ڪيو آهي ۽ اهو علم اڄ ٽيون نسل ثابت قدميءَ ۽ حوصلي سان سنڀاليندي جدوجهد جي ميدان ۾ سرگرم آهي“. اسلام آباد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ڪامياب عوامي طاقت جو مظاهرو ڪري نه رڳو پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ پنهنجن سياسي مخالفن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، بلڪي خاص ڪري تختِ لاهور وارن کي ڀرپور جواب ڏنو آهي ته پ پ جمهوريت جي تسلسل کي ته جاري رکندي پر اها هاڻ نواز شريف ۽ ان جي جمهوريت کي نه بچائيندي، يقينن قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ۽ سينيٽ جي ايوان ۾ اڪثريتي پارٽي پوزيشن واري طاقت رکندڙ پيپلز پارٽيءَ جي قيادت جو اهڙو پيغام مسلم ليگ (ن) وارن لاءِ وڌيڪ پريشانيءَ جو سبب بڻجي ويو هوندو، ڇو ته مسلم ليگ نون جي ناڪام حڪومتي پاليسين سبب نواز شريف نااهل ٿيڻ بعد لڳاتار پ پ قيادت سان ملاقات ڪرڻ وڏيون ڪوششون ڪيون پر نواز ليگ توڙي ان جي حڪومت کي به ناڪاميءَ کي منهن ڏيڻو پيو، جڏهن ته وفاقي راڄڌاني ۾ ٿيل هن پ پ جي پاور شو پنجاب جي سياست تي گهرا اثر ڇڏيندو، ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي تاريخ لازوال جدوجهد ۽ قربانين سان ڀري پئي آهي، ملڪ ۾ آئين جي پاسداري کان ويندي قانون جي حڪمرانيءَ تائين، جمهوريت جي بحالي کان ويندي جمهوريت جي مضبوطيءَ تائين، جمهوري تسلسل کي جاري رکڻ کان ويندي قومي ادارن جي استحڪام تائين، عوامي طاقت تي يقين رکڻ کان ويندي آمريت خلاف ثابت قدميءَ سان مهاڏو اٽڪائي عوام ۾ اميدن جا روشن ڪرڻا پيدا ڪرڻ لاءِ جمهوريت جا نوان سج اڀارڻ تائين، جمهوريت جا هيٺئين سطح تي بنياد مضبوط ڪرڻ کان ويندي ملڪ کي ائٽمي قوت بڻائڻ ۽ جديد ميزائل ٽيڪنالوجي ڏيارڻ تائين، ملڪي امن ۽ سلامتيءَ کان ويندي عوام جي ترقي، ڀلائيءَ ۽ خوشحاليءَ تائين، پاڙيسري ملڪن سان برابريءَ جي بنياد تي ناتن کي مضبوط ڪرڻ کان ويندي پاڪ-چين مثالي دوستي جا مضبوط ۽ تاريخي بنياد وجهڻ جهڙا عظيم ڪارناما پيپلز پارٽي ۽ ان جي قيادت جا ئي سرانجام ڏنل ڪارنامه آهن، رڳو پ پ جي گذريل حڪومتي دور جي ڳالهه ڪجي ته ان دور ۾ ملڪي تاريخ ۾ پهريون پارليامينٽ کي اختيار ڏئي سگهارو بڻايو ويو، آئين جو اصل روح بحال ڪري 18 هين ترميم وسيلي صوبن کي صوبائي خودمختياري ڏيڻ سميت وسيلن جي ورڇ ۾ صوبن جو حق وڌيڪ تسليم ڪرايو ويو، بلوچستان کي آغاز حقوق بلوچستان جو پئڪيج ڏنو ويو، اهي اهڙا تاريخي ۽ مثالي ڪارنامه آهن، جن جي خود پ پ مخالف به ساراهه ڪندا رهن ٿا. بهرحال موجوده ملڪي صورتحال کي جو جيڪڏهن جائزو وٺجي ته عوامي ۽ جمهوري سياست ۾ اها ئي پارٽي پنهنجو سفر ڪاميابيءَ سان اڳيان جاري رکندي چونڊن ۾ سوڀاري ٿي سگهي ٿي، جنهن جي سياست جو مُک مرڪز ۽ محور، جمهوريت جي مضبوطي ۽ عوام جي خوشحالي آهي.