سومر 23 جولائي 2018ع

بيت المقدس کي اسرائيل جو راڄڌانو قرار ڏيڻ واري فيصلي تي او آئي سي آمريڪا کي وارننگ ڏئي ڇڏي

ويب ڊيسڪ: جده: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان بيت القمدس کي اسرائيل جو راڄڌانو قرار ڏيڻ واري تڪراري فيصلي جي صورت ۾ اسلامي سهڪار واري تنظيم ( او آءِ سي) جي ميمبر ملڪن لاڳاپا ختم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيندي هنگامي طور تي اجلاس طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب او آءِ سي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪا رياست پنهنجي سفارت خاني کي بيت المقدس منتقل ڪري ۽ بيت المقدس کي اسرائيل جو راڄڌانو قرار ڏئي ته ان صورت ۾ سندس 57 ميمبر رساتن کي ان ملڪ سان لاڳاپا ختم ڪرڻ گهرجن.