سومر 22 آڪٽومبرر 2018ع

لبنان جي وزيراعظم سعد الحريري مستعفي ٿيڻ جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو

ويب ڊيسڪ: بيروت: لبنان جي وزيراعظم سعد الحريري مستعفي ٿيڻ جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو. برطانوي خابرو اداري مطابق لبناني ڪابينا جي هڪ اجلاس بعد سعد الحريري چيو ته هو بطور حڪومتي سربراهه پنهنجو ڪم جاري رکڻ چاهي ٿو. واضح رهي ته سعد الحريري گذريل مهيني 4 نومبر تي سعودي عرب مان پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن بعد لبنان ۾ هڪ سياسي بحران پيدا ٿي ويو هو. سعد الحريري مستعفي ٿيڻ جو اعلان ڪندي چيو هو ته لبنان ۾ سندس جان کي خطرو آهي ۽ لبنان جي تنظيم حزب الله جو ملڪ تي اثر رسوخ وڌي ويو آهي. هن لبنان جي اندروني معاملن تي ايران جي مداخلت تي به تشويش جو اظهار ڪيو. جڏهن ته لبناني صدر مشيل عون سندس استعيفيٰ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي ان بحران جي ذميواري سعودي عرب تي لاڳو ڪئي هئي. استعيفيٰ ڏيڻ بعد ان حوالي سان به رپورٽون سامهون آيون ته سعد الحريري کي سعودي عرب ۾ نظربند ڪيو ويو هو، هن انهن خبرن جي ترديد ڪئي هئي.