سومر 22 آڪٽومبرر 2018ع

بيت المقدس کي اسرائيل جو گادي واري هنڌ بڻايو ويو ته اسرائيل سان لاڳاپا ختم ڪيا ويندا: ترڪي

ويب ڊيسڪ: انقره: ترڪ صدر رجب طيب اردگان ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن بيت المقدس کي اسرائيل جو گادي واري هنڌ بڻايو ويو ته هو اسرائيل سان تعلقات ختم ڪري ڇڏيندو. پارليامينٽ جي اجلاس کي خطاب ڪندي صدر اردگان آمريڪي صدر ٽرمپ کي مخاطب ٿيندي چيو ته بيت المقدس کي اسرائيل جو گادي واري هنڌ بنائڻ جو قدم مسلمانن لاءِ ڳاڙهي لڪير برابر آهي. ٽرمپ ان لائين کي عبور نه ڪري هي قدم بين الاقوامي قانونن جي خلاف ورزي ۽ انسانيت لاءِ به هڪ وڏو ڌچڪو ثابت ٿيندو.