سومر 15 آڪٽومبرر 2018ع

پاڪستاني فلم اسٽار اداڪار شان سياست ۾ اچڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ويب ڊيسڪ: ڪراچي: پاڪستاني فلم اسٽار اداڪار شان سياست ۾ اچڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيتوڻيڪ ڪنهن به پارٽي ۾ شموليت کي ڳجهو رکيو آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي اداڪار شان چيو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته مان سياست ۾ ضرور ايندس، مون سياست ۾ اچڻ جو پلان به تيار ڪري ورتو آهي. پر اڃا تائين حتمي فيصلو ناهي ڪيو ويو ته ڪهڙي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪريان پر هن اشارن ۾ واضح ڪيو ته هو ويجهڙ ۾ سياست ۾ ايندو.