ڇنڇر 21 جولائي 2018ع

منهنجو والد پاڪستاني آهي ۽ مون کي ان تي فخر آهي: لنڊن ميئر صادق خان

ويب ڊيسڪ: لاهور: لنڊن جي ميئر صادق خان چيو آهي ته سندس والد پاڪستاني آهي ۽ هن کي ان ڳالهه تي فخر آهي. لاهور ۾ الحمرا هال ۾ لنڊن جي ميئر صادق خان جي اعزاز ۾ تقريب رٿي وئي. ان موقعي تي هن چيو ته لاهور مان مليل عزت تي سڀني جو ٿورائتو آهيان، پاڪستان ۾ ڪافي ترقي ٿي آهي، عالمي مارڪيٽ ۾ پاڪستان جو مستقبل گهڻو بهتر آهي. پاڪستان لنڊن سميت سڄي دنيا جي معيشت ۾ بهتر جاءِ وٺي سگهي ٿو. صادق خان دهشتگردي جي خاتمي بابت چيو ته هلندڙ سال لنڊن ۾ دهشتگردي جا 4 واقعا پيش آيا، دهشتگردي تي ضابطي لاءِ اسان سڀني کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻو پوندو. هن چيو ته منهنجو پيءُ پاڪستاني آهي ۽ مون کي ان ڳالهه تي فخر آهي. هن پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي تعريف ڪندي چيو ته شهباز شريف جي انگلشن منهنجي اردو کان به گهڻي بهتر آهي.