آچر 17 ڊسمبر 2017ع
اهم خبرون اي پي ايس سانحي کي 3 سال مڪمل ** شهيدن جي ٽئين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي سوڀ نيوز اي پي ايس جي شهيدن جون قربانيون ضايع نه ڪيون وينديون: آرمي چيف سوڀ نيوز اي پي ايس جي معصوم ٻارن ۽ انهن جي خاندانن جون قربانيون ناقابل فراموش آهن: آرمي چيف قمر جاويد باجوه سوڀ نيوز اسان 3 سال گذري وڃڻ باوجود آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي متاثرن کي انصاف فراهم نه ڪري سگهيا آهيون: بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز اسان جوڊيشل انڪوائري جي شروعات ڪرڻ ۾ ناڪام رهياسين: بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز اسان نيشنل ايڪشن پلان کي لاڳو ڪرڻ ۾ به ناڪام رهياسين: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز سورنهن ڊسمبر 2014ع جو ڏينهن ملڪي تاريخ جي ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز شهيدن جي خون سان لکيل ان باب کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني قوم جيڪي قربانيون پيش ڪيون، اهي شايد ئي ڪنهن ٻي قوم ڏنيون هجن: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز پاڪستاني قوم پنهنجي معصوم شهيدن، پاڪستاني فوج، پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز عدليا تي دٻاءُ وجهڻ وارو ڪو پيدا ئي نه ٿيو آهي** ڪنهن به پلان جو حصو نه ٿينداسين: چيف جسٽس سوڀ نيوز اسان پوري ديانت سان فيصلا ڪندا آهيون، اسان تي ڪو به دٻاءُ ناهي: چيف جسٽس آف پاڪستان www.dailysobh.com

منصوبن تي ڪم جاري آهي، وفاقي حڪومت ڪي فور منصوبي جا ساڍا 9 ارب رپيا ناهن ڏنا: مراد علي شاهه

ويب ڊيسڪ: ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي لاءِ چئني صوبن کان الڳ پاڻي گهرجي، ڪي فور منصوبي جي باري ۾ سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪيو آهي جڏهن ته سپريم ڪورٽ کي ٿر ۾ آر او پلانٽن بابت به آگاهه ڪيو آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته منصوبن تي ڪم جاري آهي پر وقت گهرجي ٿو، سي سي آءِ ۾ منهنجو رڳو هڪڙو ووٽ آهي باقي ست ووٽ ٻين جا آهن. هن چيو ته سي سي ۾ هميشه آواز اٿاريندو آهيان پر هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪري آواز دٻايو ويندو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجون ترجيحون ٻڌايو آهن، ڪالهه واري جلسي ۾ منهنجي تڪ جا ماڻهو به آيا ها. هن چيو ته جج صاحب مون کي سنجيدگي سان ٻڌو ۽ مون کي ڳالهائڻ لاءِ به گهڻو وقت ڏنو. سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت اڃان تائين ساڍا 9 ارب رپيا ناهن ڏنا، اسان ڪي فور منصوبي جا مختص سمورا فنڊ جاري ڪيا آهن ۽ عدالت ۾ پٽينشر جي داخل ڪيل ڊاڪيومينٽري ڏيکاري وئي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ روزاني ساڍا ڇهه سئو ملين گيلن پاڻي ايندو آهي ۽ ڪي فور منصوبي تي 33 ارب رپيا جو خرچ ٿي چڪو آهي.