ڇنڇر 21 جولائي 2018ع

ڪراچي: مختلف علائقن ۾ ٽريفڪ ۽ ٽرين حادثي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا فوت، هڪ زخمي

ڪراچي(سوڀ نيوز) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ٽريفڪ ۽ ٽرين حادثي ۾ عورت سوڌو 3 ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. سپر هاءِ وي نيو سبزي منڊي ويجهو اڻڄاڻاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل تي سوار عورت سوڌو 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور تي عباسي شهيد اسپتال نيو ويو جتي علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي عورت فوت ٿي وئي. پوليس موجب اسپتال ۾ فوتڻ جي سڃاڻپ 55 سالن جي سڪينا زال الله وسايو جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته زخمي جي سڃاڻپ 35 سالن جي جمعا خان جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو فوتڻ جو عزيز آهي. سائيٽ جي علائقي غني چورنگي ويجهو اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر سبب موٽرسائيڪل سوار شخص سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طور تي عباسي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. ڪينٽ ريلوي جي علائقي عوامي مرڪز جي پويان ريلوي لائين پار ڪندي هڪ شخص ريل جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش جناح اسپتال پهچايو ويو.