سومر 22 آڪٽومبرر 2018ع

اعليٰ تعليم کان سواءِ ڪو به معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي: گورنر سنڌ محمد زبير

ڪراچي (سوڀ نيوز) سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته اعليٰ تعليم کان سواءِ ڪو به معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي، يونيورسٽي ۾ تحقيق کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ڪالهه ڪراچي ۾ هڪ يونيوسرسٽي ۾ واضح ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن کي ميڊل ڏنا ۽ مختلف شعبن جي 800 شاگردن کي ڊگريون ڏنيون ويون. ان تقريب کي خطاب ڪندي محمد زبير چيو ته اعليٰ تعليم کي هٿي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ڇو ته اعليٰ تعليم اسان جي سمورن مسئلن جو حل آهي ۽ اعليٰ تعليم کان سواءِ ڪو به معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي جڏهن ته يونيورسٽين ۾ جاچ کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.