آچر 17 ڊسمبر 2017ع
اهم خبرون اي پي ايس سانحي کي 3 سال مڪمل ** شهيدن جي ٽئين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي سوڀ نيوز اي پي ايس جي شهيدن جون قربانيون ضايع نه ڪيون وينديون: آرمي چيف سوڀ نيوز اي پي ايس جي معصوم ٻارن ۽ انهن جي خاندانن جون قربانيون ناقابل فراموش آهن: آرمي چيف قمر جاويد باجوه سوڀ نيوز اسان 3 سال گذري وڃڻ باوجود آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي متاثرن کي انصاف فراهم نه ڪري سگهيا آهيون: بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز اسان جوڊيشل انڪوائري جي شروعات ڪرڻ ۾ ناڪام رهياسين: بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز اسان نيشنل ايڪشن پلان کي لاڳو ڪرڻ ۾ به ناڪام رهياسين: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز سورنهن ڊسمبر 2014ع جو ڏينهن ملڪي تاريخ جي ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز شهيدن جي خون سان لکيل ان باب کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني قوم جيڪي قربانيون پيش ڪيون، اهي شايد ئي ڪنهن ٻي قوم ڏنيون هجن: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز پاڪستاني قوم پنهنجي معصوم شهيدن، پاڪستاني فوج، پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز عدليا تي دٻاءُ وجهڻ وارو ڪو پيدا ئي نه ٿيو آهي** ڪنهن به پلان جو حصو نه ٿينداسين: چيف جسٽس سوڀ نيوز اسان پوري ديانت سان فيصلا ڪندا آهيون، اسان تي ڪو به دٻاءُ ناهي: چيف جسٽس آف پاڪستان www.dailysobh.com

پاڪستان آمريڪي سفارتخاني کي بيت المقدس منتقل ڪرڻ واري منصوبي جي مذمت ڪري ڇڏي

ويب ڊيسڪ: پاڪستان آمريڪي سفارتخاني جي تل ابيب کان والاريل بيت المقدس منتقلي ڪرڻ واري منصوبي جي مخالفت ڪندي بيت المقدس جي قانوني ۽ تاريخي حيثيت جي مجوزه تبديلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزير اعظم هائوس مان جاري ڪيل بيان مان آمريڪي صدر طرفان والاريل بيت المقدس کي اسرائيل جو گادي وارو هنڌ قرار ڏئي سفارتخاني کي بيت المقدس منتقلي واري قدم کان پري رهڻ تي زور ڀريو آهي. بيان مطابق آمريڪي سفارتخاني جي بيت المقدس منتقلي بين الاقوامي قانون ۽ اقوام متحده جي قراردادن بلخصوص 1980 واري قرارداد نمبر 478 جي خلاف ورزي هوندي، ان قدم سان ان معاملي تي گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان قائم عالمي مفاهمت علائقائي امن ۽ سلامتي ۽ اوڀر ۾ امن جا امڪانن کي نقصان پهچندو.