آچر 17 ڊسمبر 2017ع
اهم خبرون اي پي ايس سانحي کي 3 سال مڪمل ** شهيدن جي ٽئين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي سوڀ نيوز اي پي ايس جي شهيدن جون قربانيون ضايع نه ڪيون وينديون: آرمي چيف سوڀ نيوز اي پي ايس جي معصوم ٻارن ۽ انهن جي خاندانن جون قربانيون ناقابل فراموش آهن: آرمي چيف قمر جاويد باجوه سوڀ نيوز اسان 3 سال گذري وڃڻ باوجود آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي متاثرن کي انصاف فراهم نه ڪري سگهيا آهيون: بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز اسان جوڊيشل انڪوائري جي شروعات ڪرڻ ۾ ناڪام رهياسين: بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز اسان نيشنل ايڪشن پلان کي لاڳو ڪرڻ ۾ به ناڪام رهياسين: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سوڀ نيوز سورنهن ڊسمبر 2014ع جو ڏينهن ملڪي تاريخ جي ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز شهيدن جي خون سان لکيل ان باب کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني قوم جيڪي قربانيون پيش ڪيون، اهي شايد ئي ڪنهن ٻي قوم ڏنيون هجن: شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز پاڪستاني قوم پنهنجي معصوم شهيدن، پاڪستاني فوج، پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سوڀ نيوز عدليا تي دٻاءُ وجهڻ وارو ڪو پيدا ئي نه ٿيو آهي** ڪنهن به پلان جو حصو نه ٿينداسين: چيف جسٽس سوڀ نيوز اسان پوري ديانت سان فيصلا ڪندا آهيون، اسان تي ڪو به دٻاءُ ناهي: چيف جسٽس آف پاڪستان www.dailysobh.com

اڄ دشمنن مسلمانن خلاف هڪ نئون منصوبو شروع ڪيو آهي: ايران

ويب ڊيسڪ: تهران: ايراني صدر حسن روحاني آمريڪا طرفان يروشلم کي اسرائيل جو راڄڌانو تسليم ڪرڻ واري امڪاني اعلان کي ”مسلم دنيا“ خلاف نئين رٿابندي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ايراني صدر جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل پيغام موجب اڄ دشمنن مسلمانن خلاف هڪ نئون منصوبو شروع ڪيو آهي ۽ هنن قدس (يروشلم) جي آزادي جي عظيم مقصد کي نشانو بڻايو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن تهران ۾ ٿيل ٽن ڏينهن واري اسلامي يڪجهتي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي ڪيو. حسن روحاني جو چوڻ هو ته قدس مسلمانن ۽ فلسطين جو آهي، اها اهڙي جاءِ ناهي، جتي ڪير ماڻهن جي سوچ ۽ جذبن خلاف بيهڻ جي ڪوشش ڪري. اها خطي ۾ عالمي تڪبر جي نئين مهم آهي. هوڏانهن فلسطينين ان عمل کي وچ اوڀر ۾ امن لاءِ موت قرار ڏنو آهي. اطلاعن موجب آمريڪا جون اعليٰ اختياريون پرڏيهي وزارت کي حڪم ڏينديون ته آمريڪي سفارتخاني کي تل ابيب کان يروشلم منتقل ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو وڃي، جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ان فيصلي جي تصديق جو به امڪان آهي.