جمعو 17  آگسٽ 2018ع

13 سالن جو مصري شاگرد دنيا جو ذهين ترين ٻار قرار

ويب ڊيسڪ: غير ملڪي ميڊيا جي اداري مطابق مسر جي 13 سالن جي شاگرد عبدالرحمان حسين دنيا جو ذهين ترين ٻار هجڻ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ڇڏيو آهي، ملائيشيا ۾ منقعد ٿيندڙ ذهانت جي مقابلي ۾ 70 کان وڌيڪ ملڪن جي 3000 ٻارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته عبدالرحمان صرف 8 منٽن ۾ رياضي جي 230 مشڪل سوال حل ڪري دنيا جي 3000 ٻارن کي پوئتي ڇڏي ڏنو ۽ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي.