ڇنڇر 24 فيبروري 2018ع
اهم خبرون=:=: اسلام آباد: نواز شريف جي ڪوشش آهي ته ادارن کي ڪمزور ڪيو وڃي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز جڏهن ادارا ڪمزور ٿيندا آهن ته ملڪ ڪمزور ٿيندو آهي، اسان ڪڏهن به ادارن کي ويڙهائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز پنجاب ۾ بيورو ڪريسي ۾ هڪ سازش جي تحت بغاوت ڪرائي پئي وڃي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز نواز شريف کي ڊپ آهي ته جيڪڏهن ننڍو صاحب به ڪري پيو ته پوءِ ڇا ٿيندو: آصف علي زرداري سوڀ نيوز اسان 4 سالن کان چئي رهيا هئاسين ته توهان پرڏيهي وزير مقرر ڪيو، تنهن هوندي اسان جي نه ٻڌي وئي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز انڊيا پاڪستان خلاف عالمي سازشون ڪرڻ لڳو، انهن شين جو مقابلو اسان پنهنجي دور ۾ ڪيو هو: آصف علي زرداري سوڀ نيوز ڀارت جي مسلمانن سان گڏ ڏسو ڪهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ڀارت ۽ مودي جو ڌيان رڳو پاڪستان جي مخالفت ڏانهن آهي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي هر فورم تي اثر استعمال ڪري رهيو آهي**توهان ان آڙ ۾ آهيو ته ڀارت توهان جو دوست بڻجي وڃي: آصف علي زرداري سوڀ نيوز ميان صاحب ڪميشن کان سواءِ ڪو به ڪم ناهي ڪندو: آصف علي زرداري سوڀ نيوز پختونن ۽ بلوچن کي پنهنجو حصو نه ڏنو ويو، رڳو لاهور کي ڏنو ويو آهي: اڳوڻو صدر آصف علي زرداري سوڀ نيوز لاهور: تحريڪ انصاف پاران شريف خاندان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ عدالت وڃڻ جو اعلان سوڀ نيوز ٽورنٽو: ڪرپٽ شهباز شريف جو چور بٽڻ احد چيما وٽ آهي: طاهر القادري سوڀ نيوز لاهور: احد چيما جي گرفتاري: پنجاب حڪومت ۽ نيب آمهون سامهون سوڀ نيوز اسلام آباد: پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ متعلق باضابطا اعلان ناهي ٿيو: گهرو وزير احسن اقبال سوڀ نيوز اسلام آباد: پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ متعلق باضابطا اعلان ناهي ٿيو: گهرو وزير احسن اقبال سوڀ نيوز راولپنڊي: ڀارتي فوج جي ايل او سي تي بلاجواز فائرنگ، نوجوان شهيد: آئي ايس پي آر سوڀ نيوز اسلام آباد: نئون نسل اسان جو اثاثو آهي ۽ ملڪ جي تعليم جي بهتري لاءِ سڀ ڪجهه ڪنداسين: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوه سوڀ نيوز اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ڪي پي ڪي حڪومت جي سياحت واري صلاحڪار عبدالمنعم کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

پهريون ون ڊي: نيوزلينڊ پاڪستان کي 61 رنسن تان هارائي ڇڏيو

ويب ڊيسڪ: ويلنگٽن: نيوزيلينڊ پاڪستان کي پهرين ون ڊي ميچ ۾ ڊڪ ورٿ لوئيس ميٿڊ تحت 61 رنسن تائين شڪست ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽ مطابق ٽاس کٽي پاڪستان نيوزيلينڊ کي پهريان بئٽنگ ڪرڻ جي دعوت ڏني جنهن تي ڪيويز پاڪستان کي 316 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جنهن جي جواب ۾ گرين شرٽس جي بئٽنگ لائين ڏکيائين جو شڪار نظر آئي ۽ ڪيويز بالرز جي سامهون پاڪستاني بئٽسمينن جا هٿ ڏڪڻ لڳا ۽ اهڙي طرح پاڪستان جي ٽيم 6 وڪيٽن جي نقصان تي رڳو 166 رنسون ٺاهي سگهي هئي جو برسات جي ڪري ميچ روڪي وئي. ڊڪ ورٿ لوئي ميٿڊ تحت نيوزيلينڊ پاڪستان کان اڳتي هو ۽ برسات نه رڪجڻ سبب مقرر وقت تي ميچ شروع نه ٿيڻ ڪري نيوزيلينڊ کي ميچ جو فاتح قرار ڏنو ويو. ان کان اڳ نيوزيلينڊ بئٽنگ ڪندي 315 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ ڪپتان ڪين وليم سن 115، ڪولن منرو 58، مارڪ نڪولس ففٽي ۽ مارٽن گپٽل 48 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان حسن علي 3 جڏهن ته عامر، فخر زمان، رومان رئيس ۽ فهيم اشرف هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. بعد ۾ پاڪستان اننگز شروع ڪئي ته ڪنهن به پاڪستاني بئٽسمين ٻوٽو ٻاري نه سگهيو ۽ اهي هڪ ٻئي پٺيان آئوٽ ٿيندا ويا.