آچر 18 نومبر 2018ء

اولهه آفريڪي ملڪ گني بسائو ۾ مني بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، 18 ڄڻا فوت 14 زخمي ٿي

ويب ڊيسڪ: بسائو: اولهه آفريڪي ملڪ گني بسائو ۾ مني بس ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر سبب 18 ڄڻا فوت ٿي ويا، 14 زخمي ٿي پيا. پوليس اختيارين مطابق گادي واري هنڌ بسائو کان 15 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي علائقي بسائو ويجهو حادثو ان وقت پيش آيو، جڏهن هڪ تيز رفتار ٽرڪ سامهون ايندڙ اوور لوڊ مني بس سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي گاڏين جي ڊرائيورن سميت 18 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 14 زخمي ٿي پيا، جن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته اسپتال انتظاميا مطابق زخمين مان 10 جي حالت نازڪ ٻڌائي وڃي ٿي. پوليس حادثي جا سبب ٻڌائيندي چيو ته ٽرڪ جي تيز رفتاري سبب ڊرائيور ٽرڪ تي ضابطو نه آڻي سگهيو ۽ سامهون ايندڙ مني بس سان ٽڪرائجي ويو، جڏهن ته مسافر بس ۾ گنجائش کان وڌيڪ مسافر سوار هئا. واضح رهي ته گني بسائو دنيا جي غريب ملڪن مان هڪ آهي.