آچر 18 نومبر 2018ء

آمريڪا، پاڪستان جي لڳ ڀڳ 2 ارب ڊالرن جي امداد روڪي سگهي ٿو: آمريڪي عهديدار

ويب ڊيسڪ: واشنگٽن: هڪ آمريڪي عهديدار جو چوڻ آهي ته آمريڪا، پاڪستان جي لڳ ڀڳ 2 ارب ڊالرن جي امداد روڪي سگهي ٿو. غير ملڪي خابرو اداري مطابق ڄاڻايل سينئر آمريڪي عهديدار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي دعويٰ ڪئي ته سندن 2 ارب ڊالرن مان هڪ ارب ڊالر ماليت جو جديد فوجي سازو سامان شامل آهي، جيڪو پاڪستان کي ملڻو آهي ۽ ان ۾ اها رقم به شامل آهي، جيڪا آمريڪي ۽ نيٽو فوجي رسد کي افغانستان تائين پهچائڻ لاءِ پاڪستان کي ادا ڪئي ويندي آهي. سندس چوڻ هو ته ٽرمپ انتظاميا وٽ سموريون تجويزون غور هيٺ آهن ۽ جيڪڏهن وڌيڪ قدم کنيا ويا ته ان صورت ۾ پاڪستان جي غير نيٽو اتحادي جي حيثيت ختم ڪري سگهجي ٿي يا آءِ ايم ايف کان قرضن جي حصول کي روڪي سگهجي ٿو. آمريڪي سينيئر عهديدار جو اهو بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو، جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان مخالف ٽوئيٽ بعد ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ڇڪتاڻ جو شڪار آهن. ڊونلڊ ٽرمپ پهرين جنوري تي ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ پاڪستان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اسان گذريل 15 سالن دوران پاڪستان کي 33 ملين ڊالر امداد ڏئي حماقت ڪئي، جڏهن ته بدلي ۾ پاڪستان اسان کي دوکي ۽ ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه به نه ڏنو. هوڏانهن اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ به پاڪستان جي سيڪيورٽي معاونت معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پاڪستان کي مذهبي آزادي جي مبينه سنگين خلاف ورزي ڪندڙ ملڪن متعلق خصوصي واچ لسٽ ۾ به شامل ڪيو ويو آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان هيدر نورٽ چيو ته حقاني نيٽ ورڪ ۽ ٻين افغان طالبان خلاف ڪارروائي تائين معاونت معطل رهندي. ٻئي طرف پاڪستان آمريڪي الزامن کي رد ڪندي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن پر آمريڪا پنهنجي ناڪامين جو ملبو پاڪستان تي وجهي رهيو آهي.