آچر 18 نومبر 2018ء

دهشتگرد منظرن سان ڀرپور نئين فلم وينچيسٽر دي هائوس ديٽ گهوسٽس بلڊ جو انٽرنيشنل ٽريلر جاري

ويب ڊيسڪ: لاس اينجلس: دهشتگرد منظرن سان ڀرپور نئين هارر ڊرامه فلم وينچيسٽر دي هائوس ديٽ گهوسٽس بلڊ جو انٽرنيشنل ٽريلر جاري ڪيو ويو. هدايتڪار پيٽر اسپيرگ ۽ مائيڪل اسپيرگ جي گڏيل ڊائريڪشن ۾ ٺهندڙ هن فلم جي ڪهاڻي هڪ اهڙي عورت تي ٻڌل آهي، جنهن جي مڙس ۽ پٽ جو اوچتو موت ٿي ويندو آهي. دهشتگرد گهر ۾ رهندڙ اها عورت فيملي جي موت بعد اڪيلائي جو شڪار ٿي پراسرار قوتن جي قبضي ۾ اچي ويندي آهي ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعن کي منهن ڏيندي آهي. ٽم ميگهين ۽ برائين گيبرٽ جي پروڊڪشن ۾ ٺهندڙ فلم ۾ هالي ووڊ اداڪار هيلن ميرن، جيسن ڪلارڪ، سارا اسنوڪ، انگس سيمپسن ۽ لارا بينٽ سميت ٻيا ڪيترائي فنڪار اهم ڪردارن ۾ جلوه گر ٿي رهيا آهن. دهشتناڪ منظرن سان ڀرپور هن هارر فلم کي هلندڙ سال 2 فيبروري تي لائنز گيٽ اسٽوڊيو تحت نمائش لاءِ پيش ڪيو ويندو.